ھالا باءِ پاس تان نيوسعيدآباد واسي امام الدين ڪاڪا کي پوليس کڻي وئي، وارثن جو شفاف انڪوائري ۽ تحفظ جو مطالبو

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ:  راج ڪماراوڏ)ھالا ڪورٽ ۾ ڀائرن سان ملاقات ڪري واپس ويندي نيوسعيدآباد واسي امام الدين پٽ حسين بخش ڪاڪا ويٺل ڳوٺ بچل ڪاڪا کي ايس ايڇ او ھالا حاجي ٺارو خان ڀٽي ۽ ايس ايڇ او نيوسعيدآباد گلزار علي لغاري جي اڳواڻيءَ ۾ ھالا باءِ پاس تان ڪچي جي اغواڪارن جيان کنڀي کڻي وئي، رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او نيوسعيدآباد گلزار علي لغاري جو چوڻ آهي تہ حيدرآباد جي بي سيڪشن ٿاڻي تي امام الدين ڪاڪا ھڪ ايف آئي آر ۾ روپوش آهي،

جڏھن تہ امام الدين ڪاڪا جي وارثن نظام الدين ڪاڪا ۽ عامر ڪاڪا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آھي تہ حيدرآباد بي سيڪشن ٿاڻي تي ايس ايڇ او نياز حسين پنهور مقرر آھي، جيڪو اڳ بہ اسان جي مخالفن کان ڳري رشوت عيوض ڪيتريون ئي ڪوڙيون ايف آئي آرون داخل پڻ ڪري چڪو آھي، ھنن خدشو ظاهر ڪيو آهي تہ ڪٿي اسان جي ھمراھ کي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل نہ ڪيو وڃي، ھنن ڊي آئي جي حيدرآباد،

ايس ايس پي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو تہ معاملي جي صاف شفاف انڪوائري ڪرائي اسان جي ھمراھ کي آزاد ڪيو وڃي، ۽ راشي ايس ايڇ او نياز حسين پنهور خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

آگسٽ 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو