گلشن حدید ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف ڌرڻو، يار محمد ڳوٺ پپري ۾ ڪيترن ڏينهن کان بجلي بند

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) ـ گلشن حدید ۾ پپري يار محمد ڳوٺ جي رهواسين بجلي جي شديد لوڊشيڊنگ ۽ ڊگهي بندش خلاف ڪي اليڪٽرڪ آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جنهن م علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي احتجاج ۾ شريڪ ماڻهن ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا خلاف نعريبازي ڪندر انتظاميه کان فوري طور بجلي بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
رهواسين جو چوڻ هو ته يار محمد گوٺ پپري ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ڪيترن ڏينهن کان بجلي جي فراهمي مڪمل طور معطل آهي، جنهن سبب علائقي ۾ سخت گرمي ۽ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. عورتن ۽ ٻارن کي خاص طور تي سخت تڪليف کي منهن ڏيڻو پيو پوي، جڏهنتہ ڪاروباري سرگرميون به مڪمل طور تي متاثر ٿي ويون آهن. احتجاج ڪندڙن ٻڌايو ته ڪيترائي ڀيرا ڪي اليڪٽرڪ آفيس ۾ شڪايتون داخل ڪيون ويون آهن پر انتظاميه ڪو به نوٽيس نه ورتو.
سندن چوڻ هو ته بجلي جي بندش سان نه رڳو روزمره زندگي مفلوج ٿي وئي آهي پر شاگردن جي تعليم به متاثر ٿي رهي آهي.مظاهرين خبردار ڪيو ته جيڪڏهن فوري طور تي بجلي جي فراهمي بحال نه ڪئي وئي ته احتجاج کي وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو
آگسٽ 30, 2025