ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي سطح ۾ اضافو، ٻوڏ جو خطرو؛ حڪومت پاران عوام جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻ جو اعلان

ٺٽو (رپورٽ: نظير احمد قريشي) ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي سطح ۾ اضافي سبب ٻوڏ جو خطرو وڌي ويو آهي. هن سلسلي ۾ سنڌ حڪومت طرفان مقرر ڪيل فوڪل پرسن صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي، ايم اين اي ٺٽو صادق علي ميمن، آبپاشي کاتي جا آفيسر ۽ مقامي انتظاميا بئراج جي رائيٽ سائڊ جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو. وفد کي پاڻي جي سطح،
حفاظتي بندن تي دٻاءُ ۽ ممڪن خطري بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ويئي. ان موقعي تي صوبائي وزير چيو ته حڪومت عوام جي تحفظ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪندي ۽ ڪنهن به متاثر علائقي ۾ هنگامي بنيادن تي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ايم اين اي صادق علي ميمن چيو ته عوام کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، حڪومت مڪمل طور تي سندن تحفظ ۽ بحالي لاءِ تيار آهي.
آبپاشي کاتي جي آفيسرن جو چوڻ هو ته پاڻي جي اچ وڃ تي هر وقت نظر رکي پئي وڃي ۽ بندن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو پيو وڃي
آگسٽ 30, 2025