ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو جو مانجھند جي حفاظتي بندن جو دورو، امڪاني ٻوڏ کان بچاءَ لاءِ ريليف ڪيمپون قائم ڪرڻ جو اعلان

Spread the love

سيوھڻ( رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي)ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري پاران تعلقي مانجھند جي حفاظتي بندن جو دورو، امڪاني ٻوڏ کان بچاءُ لاءِ انتظامن جو جائزو،ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو، غضنفر علي قادري، پاران امڪاني ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ  تعلقي مانجھند جي سن 20 دري حفاظتي بندن جو  تفصيلي معائنو ڪيو، ان موقعي تي ايريگيشن کاتي جي آفيسرن ٻڌايو ته ان معائني دوران هڪ پوائنٽ تي گيج ۾ وڌ کان وڌ پاڻي جي سطح 4.9 فوٽ رڪارڊ ڪئي وئي آهي،

جڏهن ته ٻئي ۽ ٽئين پوائنٽن تي پاڻي جي سطح 2 فوٽ کان گهٽ آهي، ان مان هڪ پوائنٽ تي وڌيڪ پاڻي اچڻ تي پاڻي جي سطح ۾ اضافو اچي سگهي ٿو،  ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو، غضنفر علي قادري چيو ته امڪاني ٻوڏ کان بچڻ لاءِ ضلعي انتظاميا پاران مانجھند جي سرڪاري اسڪولن ۾ ريليف ڪئمپون قائم ڪيون وينديون. ان سان گڏوگڏ، سن 20 دري بندن تي ريسڪيو 1122 ۽ لائيو اسٽاڪ صحت کاتي جون ريليف ڪئمپون پڻ قائم ڪيون ويون آهن،

ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال کي بروقت منهن ڏئي سگهجي، دوري دوران، اسسٽنٽ ڪمشنر مانجھند، اسد ڪريم سومرو، ايس ڊي او ايريگيشن حسين پنھور، ميڊيڪل سپريٽنڊنٽ ڊاڪٽر عبدالحميد ڪيھر، اسٽاف آفيسر مظھر پنھور، ۽ ايريگيشن کاتي جا عملدار پڻ موجود هئا.

آگسٽ 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو