ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو جو سيوهڻ جي ڪچي علائقن جو دورو، 30 کان وڌيڪ اسڪول رليف ڪيمپ ۾ تبديل

سيوھڻ( رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي)ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري پاران سيوهڻ جي ڪچي جي متاثر علائقن جو دورو ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري سيوھڻ ۾ ڪچي جي متاثر علائقن جو دورو ڪري امڪاني ٻوڏ واري صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر سيوهڻ وقاص ملوڪ، اسٽاف آفيسر مظھر پنھور، آبپاشي کاتو ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جا آفيسر پڻ موجود ھئا، آبپاشي کاتي موجب درياءَ سنڌ جي مقام سيوھڻ وٽ پاڻي جي سطح ۾ اضافو جاري آھي ۽ ھن وقت پاڻي جي آمد 2 لک 50 ھزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪئي وئي آھي،
ضلعي ڄامشورو جي ٻن تعلقن، سيوهڻ ۽ مانجهند ۾ ٻوڏ واري صورتحال برقرار آھي، جڏھن ته 28 ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويندا، ايندڙ ڪجھ ڏينهن ۾ پنجاب کان ايندڙ ممڪن ٻوڏ جي ريلن سبب وڌيڪ ڪچي جا ڳوٺ متاثر ٿيڻ جو امڪان آھي، ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ھدايت جاري ڪئي ته ڪچي ۾ موجود رھواسي فوري طور محفوظ علائقن ڏانھن منتقل ٿين۔ ضلعي انتظاميه جي طرفان تعلقه سيوهڻ جا 30 کان وڌيڪ سرڪاري اسڪول رليف ڪيمپ ۾ تبديل ڪيا ويا آھن، جتي متاثر ٿيل خاندانن کي پناھ ڏني پئي وڃي،
ان کان پوءِ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو لاڙڪاڻو، سيوهڻ حفاظتي بند جو پڻ دورو ڪيو۔ ضلعي انتظاميه ڄامشورو پاران حفاظتي بند تي آبپاشي کاتو، صحت کاتو، لائيو اسٽاڪ، پي پي ايڇ آءِ ۽ ريسڪيو 1122 جا ڪيمپ قائم ڪيا ويا آھن ته جيئن هنگامي صورتحال ۾ تڪڙي امداد فراهم ڪري سگهجي.
آگسٽ 30, 2025