پيٽرول 61 پئسا ۽ ڊيزل اڍائي رپيا سستو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد (م ڊ) پٽروليم شين جي قيمتن ۾ پهرين سيپٽمبر کان معمولي گهٽتائي جو امڪان آهي، ذريعن موجب ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پٽرول جي قيمت ۾ 61 پيسا في لٽر ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا 13 پيسا في لٽر گهٽجڻ جو امڪان آهي،
گاسليٽ جي قيمت ۾ هڪ رپيو 57 پيسا في لٽر ۽ لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 2 رپيا 61 پيسا في لٽر گهٽتائي جو امڪان آهي، اوگرا پٽروليم شين بابت پنهنجي ورڪنگ وزارتِ پٽروليم ذريعي فنانس ڊويزن ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي، جڏهن ته ناڻِ واري وزارت وزيراعظم سان مشاورت کان پوءِ نئين قيمتن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي.
آگسٽ 30, 2025