پنجاب ۾ ٻوڏ جي تباهي، مختلف واقعن ۾ فوتين جو انگ 30 ٿي ويو، نئون چوماسي سسٽم مِينهن وسائڻ لڳو ، تعليمي ادارا بند

لاهور (ويب ڊيسڪ) صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي(پي ڊي ايم اي) تصديق ڪئي آهي ته پنجاب ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال دوران 30 ڄڻا حياتي وڃائي چڪا آهن.
سنڌ ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ امڪاني وڏي ٻوڏ جي خطري کي نظر ۾ رکندي اترين ضلعن ۾ 72 ۽ ڏاکڻن ضلعن ۾ 106 ريسڪيو ٻيڙيون مقرر ڪيون ويون آهن.
صوبائي وزير ڄام خان شوري موجب، گڊو ۾ اڳ ۾ ئي 2 لک ڪيوسڪ پاڻي موجود آهي ۽ ”سپر فلڊ“ جي تياري تحت 8 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي جي آمد متوقع آهي.
ٻئي پاسي ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جي صدر ماساتو ڪانڊا پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ 30 لک ڊالر هنگامي امداد جو اعلان ڪيو آهي.
هواڏنهن اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته گنڊا سنگهه والا وٽ ستلج درياهه ۾ پاڻي جو وهڪرو 3 لک 85 هزار ڪيوسڪ کان به وڌي ويو آهي، جنهن کي گذريل ٽن ڏهاڪن جي بلند ترين سطح قرار ڏنو پيو وڃي.
پنجاب ۾ چوماسي برساتن جو نائون سلسلو شروع ٿي ويو آهي جيڪو 2 سيپٽمبر تائين جاري رهندو.
موسميات کاتي موجب، گراوجرانوالا، لاهور ۽ گجرات ڊويزن جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ايندڙ 12 کان 18 ڪلاڪن دوران تيز برسات جو امڪان آهي.
ٻوڏ ۽ برساتن سبب متاثر علائقن ۾ سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارا بند آهن.