هڪ سينيئر وزير کان وزارت وٺڻ جي تجويز تي بلاول کي اعتراض؟

Spread the love

اسلام آباد/ڪراچي (ويب ديڪس) لاڙڪاڻي ۾ پيپلز پارٽي جي اهم اڳواڻن جي گڏجاڻي اوچتو ملتوي ٿي وئي، جڏهن چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سڌو اسلام آباد روانو ٿي ويو. گڏجاڻي ۾ سنڌ ڪابينا ۾ ممڪن تبديلين بابت اهم فيصلا ٿيڻا هئا. ذريعن موجب ٻه ڏينهن اڳ صدر آصف علي زرداري بلاول هائوس ڪراچي ۾ ٿيل اجلاس دوران اهم شخصيتن ۽ ڪجهه وزيرن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو. اجلاس ۾ سينيئر وزيرن کي به سخت ڇنڊ ملي ۽ هڪ سينيئر وزير کي ايندڙ ڪابينا مان ٻاهر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي پر وڏي وزير سندس ڀرپور حمايت ڪئي.

ان سان گڏ ٻيلن واري وزارت لاءِ تيمور ٽالپر جو نالو اڳتي آندو ويو آهي. ذريعن موجب حساس ادارن پاران ڪجهه  وزيرن بابت خدشا ظاهر ڪرڻ کانپوءِ هي سخت قدم کنيا پيا وڃن. اسلام آباد جي ذريعن موجب فرحان غني جي ڪارنامي جي ڪري صدر زرداري کي ملڪ جي حساس ايجنسي جي وڏن آفيسرن کان به ڳالهيون ٻڌڻيون پيون هيون، صدر زرداري اسلام آباد کان ڪراچي پهتو هو ۽ ڪاوڙيل هو، هن پنهنجي هڪ ويجهي وزير جي به ڇنڊ پٽي هئي. ڄامشوري مان وزير جي لاءِ وڏي وزير هڪ شخصيت جي ۽ سيد ناصر حسين شاهه ٻي شخصيت جي سفارش ڪئي هئي. ڏسڻو پوندو ته ملڪ سڪندر يا ڊاڪٽر سڪندر شورو مان ڪنهن جو پاسو ڳرو ٿئي ٿو.

هوڏانهن بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي کان سڌو اسلام آباد پهچي ويو. مبصرن پاران سوال اٿاريو پيو وڃي ته ڇا کيس وڏي وزير يا ٻئي وزير بلاول هائوس ۾ ٿيل گڏجاڻي جي فيصلن بابت ٻڌايو هو جنهن جي ڪري بلاول لاڙڪاڻي واري گڏجاڻي ۾ شريڪ نه پيو ٿيڻ چاهي؟ ٿي سگهي ٿو ته سندس اعتراض اهو هجي ته هڪ سينيئر وزير کي ڪابينا مان ڇو ڪڍيو پيو وڃي ۽ سنڌ حڪومت جي اهم شخصيت جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي جو اظهار ڇو ڪيو ويو؟ ۽ بيوروڪريٽن کي تبديل ڪرڻ تي به بلاول جا اختلاف هجن.

هن پس منظر ۾ سنڌ ڪابينا ۾ تبديليءَ وارو معاملو وڌيڪ پيچيده ٿي ويو آهي. ذريعن موجب بلاول کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته وڏن جو حڪم ۽ صدر جي اعتراض سبب هڪ سينيئر وزير کان وزارت واپس وٺڻ گهرجي.

آگسٽ 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو