مار! لاڙڪاڻو به ڌاڙيلن جي راڄ ۾ تبديل ٿي ويو!؟
سنڌ، جيڪا صدين کان شاهه لطيف جي ڌرتي، سچائي، مهمان نوازي ۽ امن جي سرزمين طور سڃاتي ويندي هئي، اڄ ڏوهاري ٽولن، هٿياربندن ۽ ڌاڙيلن جي جهنگلي قانون هيٺ اچي چڪي آهي. لاڙڪاڻي، جيڪو ڪنهن وقت ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جهڙن سياستدانن جي نالي سان عالمي سڃاڻپ رکندڙ شهر هو، اڄ ڌاڙيلن جي راڄ ۾ تبديل ٿي ويو آهي. ڏينهن ڏٺي جو سرعام ڦرون، هٿيارن جي ڇرڪائيندڙ ڏيک، ۽ مزاحمت ڪرڻ تي بيگناهه شهرين کي اهڙي بيدردي سان قتل ڪرڻ، جيئن ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ ٿيندڙ قتل عام ڏٺو ويندو آهي، اهو سماجي زوال ۽ رياستي نااهليءَ جو واضح ثبوت آهي.
لاڙڪاڻي ۾ بدامني جي لهر ڪا اوچتو پيدا ٿيل صورتحال نه آهي پر اها سالن کان وڌندڙ هڪ خوفناڪ تسلسل آهي، جنهن ۾ حڪومتن جي غير سنجيدگي، پوليس جي رشوت خور ذهنيت ۽ سياسي سرپرستيءَ سان ڌاڙيلن جي طاقت کي وڌايو ويو. عام ماڻهو، جيڪي روزانو پنهنجن ٻارن جي رزق لاءِ گهرن کان ٻاهر نڪرن ٿا، هو اڄ ان خوف ۾ جيئڻ تي مجبور آهن ته شايد شام تائين صحيح سلامت واپس موٽي به نه سگهن. هن صورتحال کي ڏسندي لڳي ٿو ته لاڙڪاڻي ۽ ان جي ڀرپاسي علائقا ڪنهن رياستي عملداري بدران هٿياربندن جي اختيار ۾ اچي ويا آهن. بدامني جي شدت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته مارڪيٽن، رستن، ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ڌاڙيلن جو بي خوف گهمڻ ڦرڻ ڄڻ ته سندن لاءِ روزاني معمول بڻجي ويو آهي. ڪالهه تائين جيڪي قصا ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ تائين محدود هئا، اڄ اهي لاڙڪاڻي ۾ به سرعام ٿيڻ لڳا آهن. ماڻهو مزاحمت ڪن ته گوليون کين ڳولي وٺن ٿيون، نه ڪن ته سندن محنت سان گڏ سندن عزت ۽ وقار به ڌاڙيلن جي هٿن ۾ وڪري ٿي وڃي. هي ڪهڙي رياست آهي جتي ماڻهوءَ جي زندگي ۽ مال جي حفاظت بدران سندس خوف کي وڌيڪ ويجهو ڪيو پيو وڃي؟
سڀ کان وڌيڪ ڏک جهڙي ڳالهه اها آهي ته حڪمران طبقي لاءِ لاڙڪاڻي صرف اليڪشن جي ووٽن جو ڳڙهه آهي. جڏهن چونڊون اچن ٿيون ته وڏا وڏا واعدا ۽ دعوائون ٿين ٿيون ته امن قائم ڪيو ويندو، ڌاڙيلن کي ختم ڪيو ويندو ۽ عوام کي سک جو ساھ ڏياريو ويندو. پر چونڊن کانپوءِ حڪمرانن جي سموري توجھه عياشين، ڪمرشن منصوبا ۽ ڪرپشن جي رستن ڏانهن وڃي ٿي. عوام جي روزاني مسئلن، سندن خوف، سندن ڏک ۽ سندن رت جي قيمت ڪنهن به حڪومتي وزير يا وڏيري لاءِ اهميت نٿي رکي. پوليس، جيڪا شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ مقرر آهي، اڄ پاڻ ڌاڙيلن سان گٺ جوڙ ۾ نظر اچي ٿي. عام ماڻهن جا الزام آهن ته ڪيترن ئي ڦرن ۽ اغوا ڪيسن ۾ پوليس جي مقامي عملدارن جو هٿ شامل آهي، جيڪي ڌاڙيلن کان ڀاڙو وٺي کين کليل ميدان فراهم ڪن ٿا. جيڪڏهن واقعي پوليس ايمانداري سان پنهنجو فرض ادا ڪري ته ڪا طاقت ڌاڙيلن کي ڏينهن ڏٺي جو شهرين جو رت وهائڻ نه ڏيندي. پر جڏهن پوليس ئي ڌاڙيلن جي ساٿاري بڻجي وڃي، تڏهن عوام جي اميد ڪٿي وڃي سگهي ٿي؟
ڪشمور ڪنڌڪوٽ کان لاڙڪاڻي تائين پکڙيل اهو ڏهڪاءُ صرف ڪنهن هڪ شهر جو الميو نه آهي پر اها سڄي سنڌ لاءِ هڪ خطرناڪ پيغام آهي. جڏهن ڌاڙيلن جا هٿ مضبوط ٿين ٿا، جڏهن حڪومت سندن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران کين سياسي مقاصد لاءِ استعمال ڪري ٿي، تڏهن رياستي اختيار ڪمزور ٿين ٿا. نتيجي ۾ ڌرتيءَ جو هر علائقو اغوا، ڦر ۽ قتل جي ڳاڙهي باهه ۾ ساڙجي ٿو. ڇا حڪومت کي اها خبر ناهي ته اهڙي صورتحال ۾ نه صرف عوام جو اعتماد ختم ٿئي ٿو پر معاشي ۽ سماجي زندگي به مڪمل طور تي مفلوج ٿي وڃي ٿي؟
لاڙڪاڻي جي حالت اها آهي جو ماڻهو هاڻي شام کان پوءِ گهرن مان ٻاهر نڪرڻ کان ڊڄن ٿا. بازارون وقت کان اڳ بند ٿي وڃن ٿيون، ڳوٺن ۾ عورتون ۽ ٻار رات جو بتيءَ جي روشنيءَ ۾ به گهمڻ کان ڪنارا ڪن ٿا. ماڻهو پنهنجي زندگيءَ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ پنهنجا ٻار به اسڪول موڪلڻ کان گهٻرائن ٿا. هي خوف، هي ڏهڪاءُ ۽ هي بي يقيني ڪنهن مهذب سماج جي نشاني ناهن. هي ته ڄڻ ڌرتيءَ تي جنگل جو قانون هلي رهيو آهي، جتي طاقتور هٿياربند ۽ بيوس عوام سامهون آمهون آهن.
حڪومت لاءِ اڃا به وقت آهي ته لاڙڪاڻي ۽ ان سان گڏوگڏ سڄي سنڌ ۾ وڌندڙ بدامنيءَ کي سنجيدگي سان وٺي. ڌاڙيلن خلاف اهڙو منظم آپريشن ڪيو وڃي جيڪو سياسي مصلحتن کان آزاد هجي، جنهن ۾ پوليس جي بدران نون، ايماندار ۽ جوابده عملدارن کي مقرر ڪيو وڃي. رڳو ميڊيا ۾ بيان ڏيڻ يا اجلاس سڏائڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، هاڻي رياستي مشينري کي حقيقي معنيٰ ۾ عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ قدم کڻڻا پوندا. لاڙڪاڻي جا ماڻهو ڪنهن به وڏي عياشيءَ يا عجيب سهولتن جا طلبگار ناهن. هو رڳو اهو ٿا چاهين ته سندن گهر، سندن ٻار، سندن روزگار ۽ سندن زندگي محفوظ هجي. هو ٿا چاهين ته هو بنا خوف جي پنهنجا روزمره جا ڪم ڪري سگهن. هو ٿا چاهين ته شام جو هو پنهنجي گهرن ڏانهن سک سان واپس موٽي سگهن. جيڪڏهن هڪ حڪومت اهو بنيادي حق به نه ڏئي سگهي ته پوءِ اهڙي حڪومت جي هجڻ يا نه هجڻ ۾ ڪو فرق رهجي وڃي ٿو؟
اڄ جي حالتن ۾ سنڌي عوام جو سوال رڳو اهو آهي ته ڇا هن ڌرتيءَ تي امن، انصاف ۽ تحفظ رڳو حڪمرانن جي محلن ۽ وڏيرن جي اوطاقن تائين محدود آهي؟ ڇا عام ماڻهو جو رت، سندس عزت ۽ سندس محنت ڪا قيمت ئي نٿي رکي؟ جيڪڏهن رياست کي پنهنجي عوام سان ڪو ذرو به انصاف ڪرڻو آهي ته پوءِ هن وقت کان اڳ لاڙڪاڻي ۽ سنڌ جي هر ڪنڊ ۾ وڌندڙ بدامنيءَ کي ختم ڪرڻو پوندو. لاڙڪاڻي ۾ بدامني صرف هڪ شهر جي خبر ناهي، اها سنڌ جي مستقبل جي خبر آهي. جيڪڏهن حڪومت ۽ ادارا هاڻي به پنهنجا ڪن بند رکن ٿا، ته اهو باهه رڳو لاڙڪاڻي تائين محدود نه رهندي پر سڄي سنڌ کي ساڙي ڇڏيندي. ڌرتيءَ تي امن جي بحالي، عوامي اعتماد جي واپسي ۽ رياستي اختيار جي بحاليءَ لاءِ هاڻي دير ڪرڻ هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي برابر هوندو.
آگسٽ 30, 2025