شهيد بينظير آباد ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس، ٻوڏ صورتحال ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي غور

نوابشاه ( رپورٽ: عبدالفتاح رند ) ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد عبدالصمد نظاماڻي جي صدارت ھيٺ نيشنل ايڪشن پلان/اپيڪس ڪميٽي لاءِ قائم ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس ڊي سي آفيس جي درٻار ھال ۾ ٿي گذريو اجلاس ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي حوالي سان ڪيل ڪاروائين ۽ کنيل قدمن جو جائزو ورتو ويو ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ضلع شھيد بينظيرآباد جي حدن مان گذرندڙ سنڌو درياهه ۾ پاڻي ۾ اضافو ٿي رھيو آھي
جنھن کي نظر ۾ رکندي ضلع انتظاميه پاران ريسڪيو ۽ ريليف واري ڪمن کي وڌيڪ تيز ڪيو ويو آھي ڊپٽي ڪمشنر سمورن کاتن جي عملدارن کي هدايت ڪئي تہ ھو سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي ھيڊ ڪوارٽر ۾ موجود رھن ڊپٽي ڪمشنر پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي عملدارن کي هدايت ڪئي تہ نيشنل ايڪشن پلان تحت ضلع ۾ غير قانوني ھلندڙ پيٽرول پمپن ۽ ايل پي جي گيس جي دڪانن خلاف ڪارروائيون وڌيڪ تيز ڪن ڊپٽي ڪمشنر سمورن لاڳاپيل ادارن جي عملدارن کي هدايت ڪئي تہ جشن عيد ميلاد النبي صه جي حوالي سان سمورن انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي جڏھن ته حيسڪو انتظاميا بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائي ڊپٽي ڪمشنر اسسٽنٽ ڪمشنر قاضي احمد ۽ سڪرنڊ کي هدايت ڪئي تہ ھو ريليف ۽ ريسڪيو جي حوالي سان نگراني ڪن ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي پاڪ فوج جي ڪرنل ياسر سھيل چيو ته سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي ضلع انتظاميه پاران ريسڪيو ۽ ريليف جي حوالي سان بھتر قدم کنيا ويا آهن
ھن وڌيڪ چيو ته 4 سيپٽمبر تائين پاڻي جو وڏو ريلو ضلع جي حدن مان گذرڻ جو امڪان آهي انھي کان اڳ ڪچي ۾ رھندڙ ماڻھن کي ريليف ڪئمپن ۾ منتقل ڪيو وڃي ھن نيشنل ايڪشن پلان جي حوالي سان ڪميٽي کي وڌيڪ فعال بنائڻ جي سلسلي ۾ پنھنجي خيالن جو اظهار ڪيو اجلاس ۾ صحت، لائيو اسٽاڪ، ريسڪيو جي عملدارن پاران ڪچي جي علائقن ۾ ماڻھن ۽ جانورن جي علاج لاءِ ميڊيڪل ڪيمپن قائم ڪرڻ ۽ پيٽرولنگ جي حوالي سان آگاھي ڏني اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سيد ابرار علي شاهه،
ڊپٽي ميئر چوڌري مبشر آرائين سميت لائيو اسٽاڪ، صحت، حيسڪو، پوليس،اينٽي ڪرپشن، آبپاشي، لوڪل گورنمينٽ سميت مختلف کاتن جي عملدارن، سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.
آگسٽ 30, 2025