سنڌوءَ ۾ اڱاري ۽ اربع جي رات وڏي ٻوڏ جو خدشو، 16 لک ماڻهن جي متاثر ٿيڻ خطرو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات سنڌو درياهه ۾ وڏي ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي، جنهن سبب 16 لک ماڻهن جي متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي.
وڏي وزير کي آبپاشي وزير ڄام خان شوري درياهي صورتحال بابت آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته گڊو بئراج وٽ پاڻي جي آمد 3 لک 83 هزار ڪيوسڪ ۽ خارج 3 لک 50 هزار ڪيوسڪ، جڏهن ته سکر بيراج تي پاڻي جي آمد 3 لک 13 هزار ۽ خارج 2 لک 59 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
ڄام خان شوري موجب، ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي آمد 2 لک 64 هزار ۽ خاره 2 لک 33 هزار ڪيوسڪ آهي، بئراجن جي صورتحال اڃا تائين بهتر آهي.
وڏي وزير سڀني لاڳاپيل کاتن ۽ انتظاميا کي سرگرم رهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته صوبائي وزير سمورن قدمن جي نگراني ڪن.
مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ جو خدشو آهي، انڪري درياهه جي بندن يا ڪچي ۾ رهندڙ ماڻهو انتظاميا سان سهڪار ڪن، امڪاني ٻوڏ کي نظر ۾ رکندي درياهه جي بندن ۽ ڪئنالن جي سخت نگراني ڪئي وڃي.
ٻئي پاسي سڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ڪراچي ۾ فلڊ ڪنٽرول روم جو افتتاح ڪيو.
ان موقعي تي پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته 2 يا 3 سيپٽمبر تائين وهڪرو سنڌ ۾ داخل ٿي سگهي ٿو، امڪاني ٻوڏ سبب سنڌ ۾ 16 لک ماڻهن جي متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي.
هن چيو ته ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت سرگرم آهي، سمورا صوبائي وزير فيلڊ ۾ موجود آهن، تنهنڪري افواهن کان پاسو ڪيو وڃي.
شرجيل ميمڻ چيو ته هر ٽن ڪلاڪ بعد بئراجن ۾ پاڻي جي آمد ۽ خارج بابت ڄاڻ شيئر ڪئي ويندي، حڪومتي مشينري ڪچي جي علائقن ۾ موجود آهي، ڪچي ۾ رهندڙ ماڻهن کي صورتحال جو وڌيڪ پتو آهي، جڏهن پاڻي جي سطح وڌي ٿي ته ڪچي جا ماڻهو پڪي ڏانهن رخ ڪندا آهن.
هن چيو ته اطلاع آهن ته پاڻي بئراجن جي گنجائش موجب ئي اچي رهيو آهي، هن وقت ڪا صورتحال ناهي جو بند ۾ گهارو هڻڻو پئي، ڊيٽا موجب في الحال ڪا چئلينجنگ صورتحال ناهي، جيڪڏهن برسات نه ٿي ته صورتحال معمول موجب رهڻ جي اميد آهي، في الحال شهرن کي ڪو خطرو ناهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار پاڻڀري آهي، في الحال مالي مسئلو ناهي، اسان موجودا صورتحال کي ”وڏي ٻوڏ“ جيان منهن ڏئي رهيا آهيون، چوپائي مال لاءِ الڳ 300ڪئمپون لڳايون ويون آهن.