سانگهڙ ويجهو هٿياربندن پاران پنجاب جي واپارين کان لکين روپيه ڦر، پوليس جو جوابدارن کي جلد گرفتار ڪرڻ جو دعويٰ

سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگهڙ ويجهو پيرومل ٿاڻي جي حد ۾ پنجاب جي واپارين کان ٻه درجن کان مٿي نامعلوم هٿياربندن جي بس مان لکين روپيه ڦر، گذريل رات دير سان نواب شاھ کان عمرڪوٽ کان ويندڙ پنجاب جي چوپائي مال جي واپارين کي هٿيارن جي زور تي مبينه يرغمال بڻائي لکين روپيه ڦر ڪري فرار ٿي ويا،
اطلاع تي آس پاس جي ڳوٺاڻن سميت پيرومل پوليس پهچي وئي بس ۾ سوار واپارين ٻڌايو ته چوپائي مال جي خريداري لاءِ عمرڪوٽ وڃي رهيا هئاسين ته بان موري لڳ ٻه درجن کان مٿي هٿياربندن هٿيارن جي زور تي مارڪٽ بعد لکين روپيه فري فرار ٿي ويا، ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او پيرومل ٻڌايو ته ڦورن جو پيڇو ڪيو آهي جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا،
آگسٽ 30, 2025