دادو: ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي 16 سيپٽمبر تائين ملتوي.

دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائيل ڪورٽ جي جج حسن علي ڪلوڙ جي عدالت ۾ فريادي ڌر ام رباب چانڊيو، پرويز چانڊيو ۽ سندس وڪيل صلاح الدين پنھور نہ اچڻ تي ٻڌڻي 16 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، الزام ھيٺ آيل جوابدارن پ پ پ ايم پي اي سردار احمد چانڊيو، برھان خان چانڊيو، ان وقت جو ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو، جوابدار ستار چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيا،
گرفتار جوابدار ذوالفقار، علي گوهر، مرتضيٰ، سڪندر چانڊيو کي جيل پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو، گذريل ٻڌڻي تي ايم اين اي رسول بخش چانڊيو ۽ ايم پي اي ممتاز چانڊيو جا بيان قلم بند ڪيا ويا ھئا اڄ سندن کان فريادي ڌر جو وڪيل آڏي پڇا ڪري ھا،
آگسٽ 30, 2025