ايف بي آر جي نااهلي، قومي خزاني کي 1629 ارب رپين جو نقصان

اسلام آباد (م ڊ) آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي تازي رپورٽ فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ايف بي آر هڪ هزار 26 وڏن ٽيڪس نه ڏيندڙن کان واجب الادا ٽيڪس وصول ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، جنهن سبب قومي خزاني کي 1629 ارب رپين جو وڏو نقصان ٿيو. رپورٽ مطابق سپر ٽيڪس لاڳو ٿيڻ باوجود ايف بي آر نه رڳو وڏن ٽيڪس نه ڏيندڙن خلاف بروقت ڪارروائي نه ڪئي، پر جيڪي ڪيس زير التواءَ هئا، انهن کي به منطقي انجام تائين نه پهچايو.
اڃا تائين رڳو 48 ملين رپيا وصول ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 1942 ملين رپيا اڃا رهيل آهن. ساڳئي وقت 159,610 ملين رپين جا ڪيس قانوني مرحلن ۾ اٽڪيل آهن ۽ 6334 ملين رپيا عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن. ماهرن موجب، ايف بي آر جي ڪمزور نگراني ۽ سياسي دٻاءَ سبب وڏن ادارن کان ٽيڪس وصولي ۾ ناڪامي ٿي، جنهن جو سڌو سنئون بار غريب ۽ وچولي طبقي تي وڌي ويو آهي. واپاري برادري پڻ سپر ٽيڪس کي معيشت لاءِ نقصانڪار قرار ڏنو آهي. آل پاڪستان انجمن تاجران جي صدر اجمل بلوچ چيو ته اڳ ئي ڪاروبار مهانگي بجلي، گيس، بلند شرحن ۽ غير يقيني حڪومتي پاليسين جي ڪري دٻاءَ ۾ آهن،
جڏهن ته سپر ٽيڪس سبب سيڙپڪاري گهٽجي وئي آهي ۽ ڪاروبار بند ٿيڻ جي ڪناري تي پهچي ويا آهن. اقتصادي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ايف بي آر پنهنجي ذميوارين کي اثرائتي طريقي سان نڀائي ته قومي خزاني ۾ کربين رپيا گڏ ٿي سگهن ٿا، جيڪي نه رڳو بجيٽ خسارو گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا، پر معيشت لاءِ به وڏو سهارو بڻبا.
آگسٽ 30, 2025