پنجاب ۾ آيل ٻوڏ جي تباهي ــ سنڌ حڪومت لاءِ به هڪ وڏو سبق
پنجاب ۾ هن وقت جيڪا ٻوڏ جي تباهي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، اها صرف هڪ قدرتي آفت ناهي پر انساني نااهلي، غير منصوبابندي، ڀارت سان پاڻيءَ جي مسئلن تي سنجيده ڪوشش نه ٿيڻ ۽ موسمياتي تبديليءَ جي سخت اثرن جو گڏيل نتيجو آهي. چناب، راوي ۽ ستلج دريائن ۾ پيدا ٿيل اوچتو ٻوڏ نه رڳو پنجاب جي زرعي معيشت، انساني آبادين ۽ انفرااسٽرڪچر لاءِ وڏي خطري جو سبب بڻيل آهي پر هي صورتحال مستقبل لاءِ سنڌ حڪومت لاءِ به وڏا سوال ڇڏي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪي پاڻيءَ جا وهڪرا اڄ پنجاب جي شهرن ۽ ڳوٺن کي ٻوڙي رهيا آهن، اهي سڀ دير سان ئي سهي پر سنڌ مان به گذرندا، ۽ جيڪڏهن اڳواٽ انتظام نه ڪيا ويا ته اها تباهي سنڌ ۾ به پنهنجا ڳاڙها نشان ڇڏي ويندي. ڀارت طرفان بنا اطلاع دريائن ۾ پاڻي ڇڏڻ، پنجاب ۾ لڳاتار برساتن ۽ انتظامي نااهليءَ سبب چناب درياهه ۾ پلکو نالي وٽ چاڙهه بعد وزيرآباد شهر پاڻي هيٺ اچي ويو آهي. جناح ڪالوني، حاجي پورا، چيما ڪالوني ۽ ٻين ڳاڙهن علائقن ۾ پاڻي گهرن ۽ دڪانن ۾ گهڙي ويو آهي. ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏڻ تي مجبور آهن، چوپائي مال پاڻيءَ ۾ ٻڏي رهيو آهي، ۽ علائقا هڪڙي وڏي جيل جو منظر پيش ڪري رهيا آهن. ڀارت طرفان وڌيڪ ٻه لک ڪيوسڪ پاڻي ڇڏڻ بعد صورتحال وڌيڪ خطري واري بڻجي وئي آهي. ضلعي انتظاميا کي مجبور ٿي پلکو وٽ ننڍڙو ڌماڪو ڪري گهارو ڏيڻا پيا ته جيئن وهڪري جو دٻاءُ ڪجهه گهٽجي، پر اهو عارضي بندوبست آهي، مستقل حل نه آهي.اها حقيقت آهي ته هن وقت پنجاب جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ جاني نقصان محدود رهيو آهي، پر انفرااسٽرڪچر ۽ زرعي زمينون وڏو نقصان سهي رهيون آهن. اين اي او سي ۽ پي ڊي ايم اي جي رپورٽن موجب، ستلج ۽ راوي ۾ به انتهائي مٿانهين سطح جا ٻوڏ وهڪرا جاري آهن، جيڪي ايندڙ ڏينهن ۾ هيٺين علائقن لاءِ وڏو خطرو بڻجندا. شاهدره ۾ پاڻيءَ جي لهر موٽر وي تائين خطري جو باعث بڻيل آهي، جڏهن ته گوجرانوالا، فيصل آباد ۽ رحيم يار خان تائين صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي
. هاڻي سوال اهو ٿو اڀري ته سنڌ حڪومت هن صورتحال مان ڪهڙو سبق وٺي. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته ٻوڏ رڳو پنجاب جو مسئلو نه آهي. درياهن ۾ آيل اوچتا وهڪرا آخرڪار سنڌ مان به گذرندا. جيڪڏهن پنجاب ۾ انتظاميا کي هڪدم ڳوٺاڻن کي لڏ پلاڻ جا اعلان ڪرڻا پيا آهن، ته سنڌ ۾ به اڄ کان ئي حفاظتي قدمن جي تياري ڪرڻ لازمي آهي. سنڌ جي هيڊ ورڪسن، خاص ڪري گڊو، سڪرنڊ، ڪوٽڙي ۽ ٻين هنڌن تي پاڻيءَ جي سطح کي سنجيدگيءَ سان مانيٽر ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن اڳواٽ حفاظتي بندن جي مرمت، نوان ڪٽڻا، ۽ ڳوٺاڻن لاءِ عارضي ڪيمپون تيار نه ڪيون ويون، ته ساڳي تباهي جيڪا پنجاب ۾ ڏسڻ ۾ پئي اچي، اها ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سنڌ جي ڌرتيءَ کي به ڳڙڪائي ويندي. ان کان سواءِ سنڌ حڪومت لاءِ ضروري آهي ته ڀارت سان پاڻيءَ جي مسئلي تي وفاق مٿان دٻاءُ وڌائي. ڀارت انڊس واٽر ٽريٽي هيٺ پاڻيءَ جي وهڪري بابت اڳواٽ اطلاع ڏيڻ جو پابند آهي، پر بار بار بنا اطلاع پاڻي ڇڏڻ سبب پاڪستان ۾ اوچتا ٻوڏ پيدا ٿين ٿا. سنڌ حڪومت کي وفاق کان اهو مطالبو ڪرڻ گهرجي ته پاڻيءَ جي ورهاست ۽ اڳواٽ اطلاع واري معاهدي تي ڀارت کي سختي سان عمل ڪرائڻ لاءِ سفارتي دٻاءُ وڌايو وڃي. ٻي صورت ۾ هر سال درياهن جا وهڪرا رڳو پنجاب نه پر سنڌ لاءِ به موت جو پيغام بڻيا رهندا.
ٻيو وڏو سبق اهو آهي ته اسان وٽ ڊزاسٽر مينيجمينٽ جو ڪو جامع نظام موجود ئي ناهي. هر سال برساتن ۽ ٻوڏن ۾ ماڻهو پنهنجا گهر، زمينون ۽ مال متاع وڃائين ٿا، ۽ حڪومت صرف اعلانن ۽ دورن تائين محدود رهي ٿي. پنجاب ۾ به هن وقت ساڳيو ٿي رهيو آهي، پر سنڌ ۾ ته صورتحال ان کان به بدتر آهي. هتي پي ڊي ايم اي جو ادارو رڳو فائلن تائين محدود آهي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت واقعي عوام جي بچاءَ لاءِ سنجيده آهي ته اڄ کان ئي حفاظتي بندن جي مرمت، عارضي ڪيمپن جي تياري، ميڊيڪل ٽيمون، کاڌ خوراڪ جا ذخيرا ۽ ايمرجنسي ٽرانسپورٽ جو بندوبست ڪرڻو پوندو. ٻوڏ اچڻ بعد انتظام ڪرڻ جو ڪو به فائدو ناهي، ڇو ته تڏهن ماڻهو اڳ ۾ ئي پنهنجي سڀ ڪجهه وڃائي چڪا هوندا. انهيءَ کان سواءِ سنڌ حڪومت کي موسمياتي تبديليءَ جي خطري کي به سمجهڻو پوندو. پنجاب ۾ 38 سالن کان پوءِ ايترو پاڻي آيو آهي، پر اهو صرف شروعات آهي. ايندڙ سالن ۾ برساتن جو شدت وڌندو، گليشيئر وڌيڪ ڳرندا، ۽ درياهن ۾ اوچتا وهڪرا وڌيڪ ايندا. جيڪڏهن سنڌ حڪومت اڄ کان ڊگهي مدي واري حڪمت عملي نه ٺاهي، ته سنڌ جا زرعي علائقا، شهر ۽ ڳوٺ هڪ اهڙي دائمي خطري هيٺ رهندا، جتي هر سال هزارين ماڻهو لڏ پلاڻ تي مجبور ٿيندا.پنجاب ۾ آيل ٻوڏ اسان لاءِ هڪ الارم آهي. اڄ پنجاب جي وزيرآباد ۽ سيالڪوٽ جا ماڻهو پنهنجي گهرن مان ٻاهر نڪري رهيا آهن، سڀاڻي ساڳيو منظر دادو، سجاول، ٺٽو ۽ بدين ۾ ٿي سگهي ٿو. حڪومت لاءِ وڏو سوال اهو آهي ته ڇا اسان رڳو حادثو ٿيڻ بعد اظهارِ افسوس ڪندا رهنداسين، يا اڳواٽ حفاظتي قدم کڻنداسين؟
اسان جي تجويز آهي ته سنڌ حڪومت فوري طور تي هيٺيان قدم کڻي: سڀني بندن جي ايمرجنسي مرمت فوري مڪمل ڪئي وڃي، سامونڊي ۽ درياهي علائقن ۾ ماڻهن کي اڳواٽ آگاهي ڏيڻ لاءِ ميڊيا ۽ لوڪل سطح تي اعلانن جو منظم نظام ٺاهيو وڃي، عارضي ڪيمپن، ميڊيڪل سهولتن ۽ خوراڪ جي فراهميءَ لاءِ فنڊس مختص ڪيا وڃن، وفاق سان گڏجي ڀارت تي دٻاءُ وڌايو وڃي ته بنا اطلاع پاڻي ڇڏڻ واري روش کي ختم ڪيو وڃي، ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽيءَ کي مڪمل طور تي فعال ڪيو وڃي ۽ هر ضلعي ۾ عملي ٽيمون مقرر ڪيون وڃن. پنجاب ۾ آيل ٻوڏ يقيناً وڏي تباهي آهي، پر اها ساڳئي وقت سنڌ حڪومت لاءِ هڪ امتحان به آهي. جيڪڏهن اسان ٻين جي مصيبت مان سبق نه سکندا ته سڀاڻي اها مصيبت اسان جي گهرن تي به اچي بيهندي. قدرت کي الزام ڏيڻ آسان آهي، پر اصل ذميواري انسانن تي آهي ته هو قدرتي آفتن لاءِ ڪيئن تياري ڪن ٿا. سنڌ حڪومت وٽ هاڻي به وقت آهي، جيڪڏهن سنجيده قدم کنيا ويا ته شايد ايندڙ تباهي کان بچي سگهجي. ٻي صورت ۾ سنڌ جا ماڻهو هر سال ساڳئي مصيبت جو شڪار ٿيندا ۽ حڪومت رڳو بيانن ۽ دورن تائين محدود رهندي.
آگسٽ 29, 2025