وزيراعظم پاڻي ذخيرن جي اڏاوت لاءِ منصوبابندي شروع ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف آبي ذخيرن جي اڏاوت لاءِ حڪمت عملي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان حوالي سان جلد اهم اجلاس سڏايو ويندو .
وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتي پاليسي جوڙڻ جو ڪم جاري آهي، پاليسي جو ورڪنگ پيپر چئني صوبائي حڪومتن سان شيئر ڪيو ويندو.
پڌرائي موجب وزيراعظم هنگامي صورتحال مان نڪرندي ئي اعليٰ سطحي سڏائيندو، جنهن ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير ۽ لاڳاپيل ادارن جا سربراهه شريڪ ٿيندا، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي وزيراعظمن کي به دعوت ڏني ويندي.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ آبي ذخيرن جي اڏاوت لاءِ حڪمت عملي ٺاهي رهيوآهي، جيڪا مشاورت ۽ چئني صوبن جي مڪمل اتفاق راءِ تيار ڪئي ويندي.
وزيراعظم چيو آهي ته موسمياتي تبديلي هڪ حقيقت آهي ۽ اثرائتي تياريءَ سان ئي قدرتي آفتن جي نقصان کان بچي سگهجي ٿو.
شهباز شريف جو چوڻ هو ته چئني صوبن، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ وفاق کي گڏجي موسمياتي تبديليءَ بابت ڪم ڪرڻ گهرجي، سڀني کي گڏجي ماڻهن کي موسمياتي تبديليءَ جي هاڃيڪار اثرن کان بچائڻو آهي، هي هڪ قومي مسئلو آهي، جنهن تي سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.