نوابشاهه: ڳوٺ خير شاهه واسين جو موٽرسائيڪل چوري خلاف احتجاج، پوليس تي نااهلي جو الزام

Spread the love

نوابشاه ( رپورٽ: عبدالفتاح رند) نوابشاھ جي ڳوٺ خير شاهه جي رھواسين باز محمد بروهي پنهنجي ڳوٺاڻن خادم حسين جمالي حبيبﷲ سولنگي سان گڏ نوابشاھ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 16 جولائي تي ايڪسائيز آفيس مان منهنجي موٽرسائيڪل چوري ٿي ھئي

جنھن جي اين سي اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪرائي هئي هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس منهنجي موٽرسائيڪل واپس نه ڪرائي آهي ھن ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد کان مطالبو ڪيو ته منهنجي موٽرسائيڪل واپس ڪرائي چور گرفتار ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي

آگسٽ 29, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو