نوابشاهه: جمالي اتحاد جو احتجاج، شاگرد منير جمالي تي تشدد ۽ گرفتاري خلاف ڪارروائي جو مطالبو

نوابشاه ( رپورٽ: عبدالفتاح رند) نوابشاھ نوجوان جمالي اتحاد پاران نوابشاھ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي اڳواڻن اعجاز جمالي ساحل جمالي ۽ ٻين چيو ته گذريل ڏينھن شھيد بينظير ڀٽو جنرل يونيورسٽي جي سيڪورٽي گارڊن اسان جي نوجوان يونيورسٽي جي شاگرد منير جمالي کي بيگناھ تشدد ڪري پوليس ھٿان گرفتار ڪرائي ڇڏيو آهي
جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ھنن وسوارن کان مطالبو ڪيو ته منير جمالي کي آزاد ڪري شھيد بينظيرآباد ڀٽو جنرل يونيورسٽي جي ملوث سيڪورٽي اھلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ هنن چيو ته منير جمالي کي ڪجھ به ٿيو تہ ان جا ذميوار سبو يونيورسٽي انتظاميا ھوندي
آگسٽ 29, 2025