مون کي اڄ ڏينهن تائين سچو پيار ناهي ٿيو: سلمان خان

Spread the love

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ دبنگ اسٽار سلمان خان چيو آهي ته مون کي اڄ تائين ڪنهن سان سچو پيار ناهي ٿيو.
سلمان خان جي ميزباني ۾ بگ باس 19 سيزن شروع ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ شو جي ڪنٽيسٽنٽ تانيه متل کائنس سوال ڪيو ته سر! ڇا سچو پيار سدائين اڌورو رهجي ويندو آهي؟
ان تي جواب ڏيندي سلمان خان چيو ته سچا پيار؟ مون کي ان جي ناهي خبر، ڇو ته مون کي اڄ تائين سچو پيار ٿيو ئي ناهي، نه مون کي ڪڏهن سچو پيار ٿيو ۽ نه منهنجو پيار اڌورو رهيو آهي.
سلمان خان جي ان جواب تي مداح حيرانگي جو اظهار ڪري رهيا آهن، ڇو ته ماضي ۾ سلمان خان جو نالو ڪيترين ئي بالي ووڊ اداڪارائن سان جڙيل رهيو آهي.

آگسٽ 29, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو