سڪرنڊ ۾ عورتن جو احتجاج: ملڪيت تي قبضي ۽ نوجوان جي گم ٿيڻ خلاف پريس ڪانفرنس

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ ) گهر سميت ملڪيتن تي قبضي ڪرڻ ۽ سندن نوجوان کي گم ڪرڻ خلاف مسمات آست ، مسمات شبيران نياڻين ۽ ٻارڙن سان گڏ سڪرنڊ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي مسمات آست دانهيو آهي ته منهنجي مڙس نور محمد ڀٽي جي ملڪيت تي علي حسن راجپوت قبضو ڪري ويٺو آهي جڏھن ته اسان جو نوجوان اعجاز ڀٽي گزريل هڪ سال کان گم آهي

جنهن کي علي حسين راجپوت نشي جو عادي ڪرڻ بعد غائب ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن هو اسان جي مڪمل ملڪيت تي قبضو ڪري سگهي هنن وڌيڪ چيو ته اسان کي اها به خبر پئي آهي ته علي حسن راجپوت اعجاز ڀٽي کي نشو ڏئي کائنس ڪاغذن تي ڪوڙيون صحيون پڻ ورتيون آهن جڏھن ته مشائخ اسٽاپ تي اسان جي پيٽرول يونٽ تي پڻ زوري قبضو ڪيو ويٺو آهي جنهن سبب اسين پنهنجي ملڪيٿ باوجود ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهيون

هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏھن اسان سان انصاف نه ٿيو ته قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تي پاڻ کي باھ ڏئي ساڙينداسين جنهن جو ذميوار علي حسن راجپوت هوندو هنن اهو به چيو ته علي حسن اسان کي موت مار ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيو آهي جنهن جي ڪري اسان جا چار ٻار ٻه نياڻيون ۽ ٻه ننڍڙا ٻار خوف ۾ ورتل آهي جيڪي اسڪول به نٿا وڃي سگهن جڏھن ته علي حسن اسان مٿان ڪوڙو ڪيس پڻ داخل ڪرايو آهي

اسان ڊي آئي جي شهيد بينظيرآباد ۽ ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد کي اپيل ٿا ڪريون ته علي حسن راجپوت کي گرفتار ڪري ان کان اسان جي قڀضو ڪيل ملڪيت واپس ڪرائي وڃي ۽ اسان جو گم ڪيل نوجوان ظاهر ڪيو وڃي :

آگسٽ 29, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو