سيوهڻ: رڪشه اسٽاپ تي غريب رڪشه هلائيندڙ پورهيت تي تشدد، پوليس خاموش تماشائي

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي)سيوھڻ شھر ۾ ھاڻي رڪشي جو روزگار ڪرڻ به ڏوھ ٿي ويو آھي، رڪشي جو روزگار ڪندڙ ھڪ غريب رڪشي واري کي جھاز چونڪ تي بيٺل رڪشي وارن ڌڪ ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي رڪشي جي نڪ مان ڌڪ لڳڻ ڪري رت وھڻ لڳو، سيوھڻ پوليس انتظاميه خاموش تماشائي بڻيل،
جھاز چونڪ تي بيٺل رڪشي وارا ايترا ته بااثر آھن يا وري بااثر ماڻھن جي ٽيڪ ھجڻ جي ڪري غريب ٻين رڪشي وارن کي جھاز چونڪ تي روزي ڪرڻ کان روڪڻ لڳا، اھو ڪٿان جو قانون آھي، زخمي رڪشي واري جو چوڻ ھئو تہ مان روزگار ڪرڻ لاء جھاز چونڪ تي رڪشو اچي بيهاريو مس تہ سيوهڻ ۾ غنڊا گردي ڪندڙ رڪشي وارن حميد نالي رڪشو ھلائي پيٽ گذر ڪندڙ پورھيت حميد ٻلال سان جھاز چوڪ تي پاڻ کي وڏيرو سڏائيندڙ رڪشي وارا وڙھيا، رڪشه هلائيدڙ پورهيت حميد کي رڪشه هلائيندڙ غنڊن رت سان ڳاڙھو ڪري ڇڏيو،
پورهيت حميد چيو ته مان جهاز چونڪ اسٽاپ تي روزي ڪرڻ لاء بيٺو هيس مون کي چيائون ته هتان سواري نه کڻ مون چيو ته سڀ رڪشه وارا بيٺا آهن انهي چوڻ تان مونکي لتن مڪن ۽ سرن سان حملو ڪيو ويو، مان ايس ايس پي ڄامشورو ايس ايڇ او سيوهڻ جن کي اپيل ٿو ڪيان ته ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري کين گرفتار ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.
آگسٽ 29, 2025