”رانديگر ڪيڏو به وڏو ڇو نه هجي، زندگي نازڪ آهي“ ڪينسر سان جهڙيندڙن ڪرڪيٽرن جي ڪٿا

Spread the love

ڪينسر ڪرڪيٽ جي ڪيئي نسلن کي متاثر ڪيو آهي، پر رانديگرن سدائين ان موذي مرض جو بهادريءَ ۽ عزم سان مقابلو ڪيو آهي، جيئن هو ميدان ۾ مخالفن سان ڪندا آهن.
ان جي تازو مثال آسٽريليا جو اڳوڻو ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ آهي، جنهن انڪشاف ڪيو آهي ته کيس چمڙيءَ جي ڪينسر سبب ڇهون ڀيرو سرجري ڪرائڻي پئي.
آسٽريليا کي 2015ع واري ون ڊي ورلڊڪپ ۾ چيمپيئن بڻائيندڙ ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ انسٽاگرام پوسٽ ذريعي پنهنجي سرجري کانپوءِ واري تصوير شيئر ڪندي چيو ته” چمڙي جو ڪينسر هڪ سچ آهي، خاص طور تي آسٽريليا ۾ اِهو عام آهي“
اڳوڻي ڪپتان مداحن کي صلاح ڏيندي چيو ته پنهنجي چمڙي جو معائنو ڪرائيندا رهو، ڇو ته احتياط علاج کان بهتر آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ”منهنجي ڪيس ۾ باقاعدگي سان معائنو ۽ ترت نشاندهي انتهائي اهم آهي.“
پنهنجي پوسٽ ۾ مائيڪل ڪلارڪ ڪينسر جي صحيح ۽ درست نشاندهي تي ڊاڪٽر جا ٿورا پڻ مڃيا.
مائيڪل ڪلارڪ جي ان انڪشاف کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر اهو معاملو بحث جو موضوع بڻجي ويو آهي ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ ڪيترائي وڏا نالا ان بيماريءَ جو شڪار رهيا آهن ۽ ان جو بهادريءَ سان مقابلو پڻ ڪيو آهي.

مائيڪل ڪلارڪ
مائيڪل ڪلارڪ کي پهريون ڀيرو 2006ع ۾ چمڙي ڪينسر ٿيو، 2019 ۾ هن وڌيڪ 3 سرجريون ڪرايون، جڏهن ته 2023 ۾ سندس ڇاتيءَ مان ڪينسر سبب متاثر حصو ڪڍيو ويو، جنهن کانپوءِ کيس 27 ٽاڪا لڳا. علاج سان گڏ هو آسٽريليا جي ” اسڪن ڪينسر فائونڊيشن“ جي آگاهي مهمن جو حصو پڻ رهيو آهي.

رچي بينو
هڪ ٻيو اڳوڻو آسٽريلوي ڪپتان ۽ ڪامنٽيٽر رچي بينو به زندگيءَ پڇاڙڪن ڏهاڙن ۾ چمڙي جي سرطان ۾ مبتلا ٿيوم سندس مٿي ۽ پيشانيءَ تي نشان ظاهر ٿيڻ لڳا ۽ هو 10 اپريل 2015 تي لاڏاڻو ڪري ويو، سندس بيماريءَ اهو واضح ڪيو ته تيز اُس ۾ کيڏندڙ رانديگن جي زندگي کي خطرو هوندو آهي.

يووراج سنگھه
ڀارتي آل رائونڊر يووراج سنگهھ 2011 جي ورلڊڪپ ۾ 362 رنسون ٺاهڻ سان گڏوگڏ 15 وڪيٽون پڻ ورتيون هيون، سندس شاندار ڪارڪردگي سبب ڀارت 28 ورهين کانپوءِ ون ڊي رولڊ ڪپ پنهنجي نالي ڪيو ۽ کيس پليئر آف دي ٽورنامينٽ قرار ڏنو ويو.
پر ٽورنامينٽ ان دوران منجهس ڦڦڙن جو ڪينسر جي نشاندهي ٿي.
آمريڪا ۾ علاج ۽ ڪيموٿراپي جي سخت مرحلن کانپوءِ يووراج 2012 ۾ عالمي ڪرڪيٽ ۾ شاندار واپسي ڪئي، جنهن تاريخ جي سڀ کان متاثر ڪندڙ ڪامياب واپسي قرار ڏنو وڃي ٿو.

جيفري بائيڪاٽ
انگلينڊ جي اڳوڻي اوپنر جيفري بائيڪاٽ کي 2003 ۾ ڳلي جو ڪينسر ٿيو. علاج دوران هن ڪامينٽري ڇڏي ڏني پر هو 35 ريڊيئيشن سيشنز کانپوءِ هڪ سال اندر صحتياب ٿي ٻيهر ڪامينٽري ڪرڻ لڳو.

اينڊي فلاور
زمبابوي جي اڳوڻي ڪپتان ۽ انگلينڊ جي هيڊ ڪوچ اينڊي فلاور کي 2010 ۾ ڳٽي ۾ ڪينسر ٿي پئي. ڪامياب سرجري کانپوءِ هو صحتياب ٿيو ۽ ڪينسر بابت آگاهي مهمن ۾ حصو وٺڻ لڳو.

گريم پولاڪ
ڏکڻ آفريڪا جي عظيم بيٽر گريم پولاڪ کي 2013 ۾ ڪولوريڪٽل ڪينسر ٿيو. جيتوڻيڪ هن بيماريءَ کي شڪست ڏني پر مٿس مالي بار وڌي ويو.
2014 تائين پولاڪ ڏيوالي جي ويجهو پهچي ويو ۽ کيس گهر جي قسطون ڀرڻ ۾ ڏکيائي ٿي.
ڪرڪيٽ تنظيم کان گهٽ مدد ملڻ ڪري هن هڪ بئنفيٽ ڊنر ڪيو، جنهن ۾ گريم سمٿ، شون پولاڪ ۽ مائيڪ پروڪٽر جهڙا رانديگر شامل ٿيا، جنهن ذريعي کيس ڪجهه رليف مليو. سندس جدوجهد اهو ظاهر ڪري ٿي ته صحت لاءِ ويڙهه رڳو طبي مسئلن تائين محدود ناهي هوندي، پر زندگيءَ جي ٻين شعبن تي به اثر وجهي ٿي.

مارٽن ڪرو
اڳوڻو ڪيوي ڪپتان ۽ ڀلوڙ مارٽن ڪرو 2012 ۾ ٻڌايو ته کيس ليمفوما ڪينسر آهي، شروعاتي علاج جو نتيجو بهتر رهيو ۽ هو عوامي زندگيءَ ۾ واپس آيو، پر 2014 ۾ بيماري ٻيهر ڪُر کنيو.
موذي مرض جو بهادريءَ سان مقابلو ڪرڻ باوجود ڪرو 2016 ۾ 53 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
سندس ڪهاڻي ڪرڪيٽ سان واڳيل ماڻهن لاءِ هڪ سبق آهي ته زندگي ڪيتري نازڪ آهي، ڀلي رانديگر ڪيترو به وڏو ڇو نه هجي.

سيم بلنگز
2022 ۾ انگلش وڪيٽ ڪيپر بيٽر سيم بلنگز پنهنجي ڇاتيءَ مان ميلگننٽ ميلانوما ڪڍرائڻ لاءِ ٻه سرجريون ڪرايون.
سندس بيماريءَ جو پتو ان وقت پيو، جڏهن هو ڪينٽ ۾ چمڙي جي ڪينسر جي جاچ ۾ شامل ٿيو، جنهن ذريعي باظابطا معائنن جي اهميت سامهون آئي.
ان کانپوءِ سيم بلنگز کليل طور تي چمڙي جي ڪينسر جي خطرن بابت ڳالهايو ۽ مداحن سان گڏ ٻين رانديگرن تي زور ڏنو ته هو جلد جي نشانين ۽ احتياطي اپائن کان باخبر رهن.

آگسٽ 29, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو