دادو: ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ۾ پهريون ڀيرو يوم حسينؑ جي مناسبت سان مجلس عزا ۽ قصيده خواني

دادو(رپورٽ: سرورجلال سولنگي) شھداءِ ڪربلا محسن اسلام شھنشاھ مولا امام حسين عليه السلام ۽ سندن شھيد جانثارن جي ياد ۾ پھريون ڀيرو ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن دادو جي خزانچي وڪيل سيده سنبل ڪاظمي جي قيادت ۾ سيشن ڪورٽ جي بار روم يوم حسين عليہ اسلام جي سلسلي ۾ مجلس عزا ۽ قصيده خواني ڪئي وئي
مجلس عزا کي علامه باقر رضا زيدي خطاب ڪري شھداءِ ڪربلا پاران دين اسلام کي سرخرو ڪرڻ لاءِ ڏنل قربانين تي روشني وجھي شھيدن کي ڀيٽا ڏني، جڏهن تہ شان اھلبيت ۾ مشهور قصيده خوان استاد ڀورل حيدري قصيده خواني ڪئي شھداءِ مجلس ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي عھدايدارن ميمبرن ۽ خواتين وڪيلن عبدالرسول عباسي، علي بخش لنڊ، فضل حسين جمالي، راشد حسين گھلو، سيد بخشل شاھ، ذوالفقار کوکر، سيد جمشيد ڪاظمي، سيد باسط ڪاظمي،
مومل بدر جويو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي آخر ۾ دين اسلام عالم انسانيت پاڪستان سنڌ ڌرتي جي سلامتي ۽ امت مسلمه فلسطين عوام جي لاءِ دعا گھري ننگر نياز سبيل حسيني تقسيم ڪئي وئي،
آگسٽ 29, 2025