گلشن حديد ۾ فيمس بيڪري جي غير قانوني اڏاوت ڊاهي پٽ

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) گلشن حديد ۾ فيمس بيڪري مالڪ طرفان سرڪاري حدن کان ٻاهر ڪيل اڏاوت تي پيدا ٿيل تڪرار جي نتيجي ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (SBCA) جي عملدارن ڪارروائي ڪندي واڌو اڏاوت ڊاهي ڇڏي. ان موقعي تي پوليس جي وڏي نفري به موجود هئي.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن ايس بي سي اي جو عملو گلشن حديد ۾ فيمس بيڪري جي غير قانوني اڏاوت ڊاهڻ ويو هو، تڏهن مبينا طور پيپلز پارٽي ملير جي جنرل سيڪريٽري امداد جوکيو، پارٽي اڳواڻ فيصل شيخ ۽ ٻين ايس بي سي اي انسپيڪٽر طارق خاصخيلي تي مبينا حملو ڪيو هو.واقعي کانپوءِ سرڪاري مدعيت ۾ اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جنهن بعد جوابدارن ضمانت ڪرائي ڇڏي. عمارت جو تڪرار نيٺ وڌي واڌو اڏاوت کي مڪمل طور ڊاهي پٽ ڪرڻ تائين پهتو.

آگسٽ 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو