ڄامشوري ۾ رڪشا جي ٽڪر ۾ 6 سالن جي نينگري فوت، گهر ۾ ڪهرام
ڄامشورو (رپورٽ: محمد وارث ڪوريجو) ڄامشورو: پاڪ ترق اسڪول ڀرسان انڊس ھاءوي تي تيز رفتار رڪشا روڊ ڪراس ڪندڙ نينگري 6 سالا نينگري آسيه ڌي ماجد کوسو کي ٽڪر هنيو جنهن ۾.نينگري سخت زخمي ٿي پئي زخمي نينگري کي لمس اسپتال پهچايو ويو جتي نينگري زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي.
فوتي نينگري جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو نينگري پنھنجي امڙ سان گڏ لمس اسپتال او پي ڊي ۾ ڏيکارڻ لاء وڃي رھي ھئي ته روڊ ڪراس ڪندي سندس امڙ اڳتي نڪري وئي پٺيان ايندڙ نينگري کي رڪشا ٽڪر ھڻي فرار ٿي ويو فوتي نينگري جو والد مزدوري ڪندڙ آھي نينگري کي ٽڪر هڻڻ وارو رڪشه جي ڳولا جاري آهي
آگسٽ 28, 2025