ڀرياسٽي: ڪلهوڙا ڪالوني واسين جو ڀائٽي ۽ پوليس زيادتين خلاف احتجاج

Spread the love

نوشهروفيروز  (رپورٽ: محمد عادل عباسي )ڀرياسٽي جي ڪلھوڙا ڪالوني واسي عورتن مرد ۽ معصوم ٻارڙن جو پنهنجي ڀائٽي ۽ سندس گھرواري جي مبيناطور ڌمڪيون زيادتين ۽ پوليس جي ناانصافين خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو احتجاج ڪندڙ بشارت ڪلھوڙو, مسمات پروين ڪلھوڙو, مسمات فرزانه ڪلھوڙو, مسمات شمع ڪلھوڙو ۽ ٻين ڀائٽي سعود عرف ببلو ڪلھوڙو ۽ سندس زال ريما ڪلھوڙو خلاف دانھيندي ٻڌايو ته 9 سال اڳ سندس ڀاء اشرف ڪلھوڙو فوت ٿي ويو ھو جڏھن جو پٽ سعود ڪلھوڙو ڪجھ سالن کان غلط ماڻھن جي صحبت ۾ اچي ڪري غلط ڪم ڪرڻ لڳو ۽ اسان جي چئي ۾ نه رھيو آھي

جنھن بعد اسان  ٽي سال اڳ ڀائٽي سعود کان لاتعلقي ظاھر ڪئي ھئي پر ھاڻي ڀائٽو سعود عرف ببلو ۽ ان جي گھرواري ريما ڪلھوڙو نشي جي حالت ۾ گھر ۾ داخل ٿي اسان گھر ٿاتين کي گار گند ڪن ٿا ۽ گذريل رات ھنن گھر ۾ اچي عورتن ۽ ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻائي موت مار ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ چيو ته اسان کي ڪٿان به آڻي پيسا ڏيون ٻئي صورت ۾ توھان کي ڳرا نتيجا پوندا ھنن وڌيڪ ٻڌايو ته منهنجي خلاف ٿاڻي تي ھنن ڪوڙي رپورٽ پڻ داخل ڪرائي آھي

جنھن بعد اي ايس آئي سڪندڙ سولنگي اسان جي در تي اچي ھٿيارن جي روز تي ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي ھنن ايس ايس پي نوشھرو فيروز سيشن جج نوشھرو فيروز ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽس وٺي ڀائٽي سعود ۽ سندس گھرواري ريما ڪلھوڙو خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ ڀرياسٽي پوليس کي بنا جواز تنگ ڪرڻ کان روڪيو وڃي.

آگسٽ 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو