پنجاب ۾ ٻوڏ: لوڌران ۾ امدادي ڪارروائين ۾ مدد لاءِ فوج طلب

لوڌران (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي ٽن دريائن، چناب، راوي ۽ ستلج ۾ غيرمعمولي ٻوڏ صورتحال سبب صوبائي گهرو لوڌران ضلعي ۾ امدادي سرگرمين لاءِ فوج طلب ڪري ورتي آهي.
واضح رهي ته پنجاب جي نوَن ضلعن ۾ ٻوڏ جي حوالي سان امدادي ڪارروائين لاءِ فوج مقرر ڪئي وئي آهي.
ان کان اڳ لاهور، قصور، سيالڪوٽ، فيصل آباد، نارووال، اوڪاڙا، سرگوڌا ۽ حافظ آباد ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين کي منهن ڏيڻ لاءِ فوج طلب ڪئي وئي هئي.
گهرو کاتي جي ترجمان موجب، پاڪ فوج جا دستا ضلعي انتظاميا جي مدد ۽ انساني جانين جي حفاظت لاءِ طلب ڪيا ويا آهن.