يوٽيلٽي اسٽورز ملازمن لاءِ وڏي اهم اچي وئي

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) يوٽيلٽي اسٽورن جون رهتون، معاوضا ترت ادا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، ڄام ڪمال خان ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اي سي سي يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي بندش بابت 30.216 ارب رپين جو پئڪيج منظور ڪري ورتو، جڏهن ته يوٽيلٽي اسٽورز جي ملازمن لاءِ پئڪيج واري سمري صنعت ۽ پيداوار واري وزايرت طرفان پيش ڪئي وئي.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته يوٽيلٽي اسٽورن جي بندش جو عمل شفاف ۽ منظم طريقي سان مڪمل ڪيو ويندو، جنهن لاءِ اسٽورن جا اثاثا موجوده مالي سال ۾ ئي وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، اثاثن جي وڪري مان حاصل ٿيندڙ رقم سان بندش جا خرچ پورا ڪيا ويندا.
ان کانسواءِ اي سي سي اسٽورن جون رهتون، معاوضا ۽ بقايا فوري طور تي ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
اجلاس ۾ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته ملازمن جا حق ۽ فلاح حڪومت جي پهرين ترجيح آهن.

آگسٽ 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو