وياج خورن جي ڄار ۾ جڪڙيل ڪڏهن آزاد ٿيندا؟

Spread the love

چمبڙ جي بازارن ۽ ڳوٺن ۾ وياج هڪ  عذاب بڻجي پکڙجي چڪو آهي جنهن جو ذڪر گهڻو ڪري ماڻهن جي زبانن تي تڏهن ايندو آهي، جڏهن ڪنهن غريب جو گهر وڪامي وڃي ٿو يا ڪو نوجوان اوچتو دٻاءُ برداشت نه ڪري پنهنجي خوبصورت زندگي جو پنهنجي ئي هٿن سان  انت آڻي ٿو، هڪ طرف منشيات جي وڪري سبب ڪينسر جو آزار ته ٻي طرف سماج لاءِ ناسور بڻيل وياج جو ڪاروبار،هڪ هاري مزدور، ريڙهي وارو، معمولي واپاري يا ننڍو ملازم جڏهن بيماري يا ڪنهن به مسئلي سبب سخت مجبوري جي حالت ۾  وياج خورن جي در تي وڃي ٿو ته شروع ۾ ڪجهه هزار روپيا کڻي ساهه کڻندو آهي، پر پوءِ وياج جي اهڙي ڄار ۾ ڦاسي پئي ٿو جو هو ڦٿڪي به نٿو سگهي ۽ هاري جي بچت، ملازمن جو پگهار ۽ ايتري قدر جو پينشن به انهيءَ وياج جي ور چڙهي وڃي ٿي، ۽ جيڪڏهن وقت تي نه ڏئي ته اصل رقم ٻيڻي ٿي وڃي ٿي،

اهڙي طرح چمبڙ ۾ به اهڙا ڪيترائي ماڻهو پنهنجو گهر، دڪان زمين وڃائي آخر ۾ خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن، پر وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته پوءِ به حد جي انتظاميا طرفان انهن وياج خورن خلاف ڪا به ڪاروائي ناهي ڪئي ويندي،

چمبڙ ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي خودڪشيون ٿي چڪيون آهن جن کي پوليس گهريلو پريشانين سبب خودڪشين جو جواز ڄاڻائي معاملو لئي مٽي ڪري ڇڏيو آهي پر رهواسين جي واتان ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته اها خودڪشي وياج خورن جي چنگل ۾ ڦاسڻ کانپوءِ مجبوري طور فلاڻي هاري، مزدور، يا ملازم ڪئي آهي، جيئن ڪجهه سال پهرين چمبڙ جي رهواسين ڏيوو ۽ تلسي ڪولهي اوچتو پنهنجي هارپي جي زمين تان غائب ٿي ويا، وارثن چمبڙ ۾ احتجاج ڪيو جيڪو ميڊيا تي به رڪارڊ ۾ آيو وارثن چمبڙ جي سيٺ سرواڻ جي نالي چيو ته اسان جي ڇوڪرن انهيءَ کان وياج تي پئسا ورتا هئا وياج سميت سڀ پئسا واپس موٽائي ڏنا پر پوءِ به سيٺ سرواڻ وڌيڪ پئسن جي ڊمانڊ ڪري رهيو هو، اسان جي ڇوڪرن منع ڪئي ته کين سيٺ سرواڻ پوليس سان گڏجي غائب ڪري ڇڏيو آهي، وارثن جي احتجاج کان پوءِ انهيءَ ڇوڪري کي بي سيڪشن ٿاڻي تي ۽ ٻئي تي به حملي ۽ ڌمڪين جي ايف آئي آر داخل ڪري چالان ڪيو ويو، ۽ ڪجهه ئي عرصو پهرين به چمبڙ جي عالماڻي برادري سنجرچانگ ۾ احتجاج ڪيو انهن جو موقف هو ته اسان مجبوري جي حالت ۾ سيٺ سرواڻ کان وياج تي پئسا کنيا ۽ کيس وياج به ڏيئي چڪا آهيون ۽ کنيل رقم به واپس ڏني آهي پر هن اسان کي ڌمڪيون ڏيئي ڪوڙن ڪيسن ۾ چالان ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏيئي اسان جي زمين تي قبضو ڪيو آهي، جيڪا هن جي قبضي هيٺ آهي، احتجاج ڪندڙ روئي رهيا هئا ته وياج اسان کي پنهنجي زمين کسي ورتي آهي، عالماڻي برادري جي ماڻهن مختلف ادارن ۾ درخواستون به ڏنيون پر وياج خلاف ڪا به ڪاروائي نه ٿي،

جيئن ڪجهه ئي مهينا پهرين چمبڙ جي ميرانکوري اسٽاپ جي رهواسي پارس ولد نيبو ڀيل معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سميت احتجاج ڪيو ۽ احتجاج ڪندي ٻڌايو ته اسان چمبڙ جي سيٺ پارس کي ساڍا ڇهه تولا چاندي جا زيور ۽ اڌ اڌ تولي جون ٻه نڪ جون بوليون وياج تي رکي 20 هزار روپين جي گهر جو سامان ۽ 12 هزار روپيا ڪيش کنيا هئا ۽ هاڻي جڏهن اهي پئسا وياج سميت واپس ڪيا آهن تڏهن به سيٺ زيور ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ۽ ڌمڪيون ٿو ڏي۔ ۽ اهڙا ڪيترائي مسئلا ٿي چڪا آهن پر سخت ڏک ۽ افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته وياجين خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ٿي سگهي، هڪ طرف پرائيوٽ ماڻهن طرفان وياج ڏيڻ جي خلاف سخت احڪامات جاري ڪيا پيا وڃن ته ٻي طرف وري وياج جي ڄار ۾ ڦاسي ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن، وياج حڪومت  لاءِ هڪ وڏو امتحان آهي، جيڪڏهن حڪومت سنجيده عمل ڪرائي ته غريب عوام نجات حاصل ڪري سگهي ٿو، ٻي صورت ۾ وياج خورن جو راڄ قائم رهندو ۽ قانون رڳو ڪتابن ۾ رهجي ويندو۔

آگسٽ 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو