نوابشاهه: قاضي احمد واسي جو الزام، پوليس ڀاءُ کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو، رشوت طلب ڪرڻ جو دعويٰ

Spread the love

نوابشاھ( رپورٽ: عبدالفتاح رند) تعلقي قاضي احمد ڳوٺ شھمير کوسو جي رهواسي علي بخش کوسو، امام بخش کوسو نوابشاھ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان اڃ صبح جو نوابشاھ جي عدالت شنوائي کائي مان ۽ منهنجو ڀاءُ ڪريم بخش کوسو ولد سليمان کوسو،

عدالت جي گيٽ کان ٻاهر نڪتاسين ته نوابشاھ اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس مونکي ۽ منهنجي ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو جنهن کان پوءِ  پولیس اھلڪار مير نواز جمالي جنهن منهنجي جيب مان 20 ھزار روڪ رقم ڪڍي مونکي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ منھنجي ڀاءُ کي آزاد ڪرڻ لاءِ ھڪ لک جي گهور ڪئي، ان کي پوليس موبائيل ۾ کڻي آيا آهن ۽ نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي

اسان کي شڪ آهي ته پوليس منھنجي ڀاءُ کي نقصان پهچائيندا، ان، ڊي آئي جي، ۽ايس ايس پي شھيد بينظير آباد کان مطالبو ڪيو ته منهنجي ڀاءُ کي آزاد ڪيو وڃي

آگسٽ 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو