نوابشاهه: اميرالعظيم جو خطاب، نظام ۽ قيادت جي تبديلي کانسواءِ مسئلا حل ٿيڻ ناممڪن قرار
نوابشاه ( رپورٽ: عبدالفتاح رند) سيڪريٽري جنرل جماعت اسلامي پاڪستان اميرالعظيم چيو آهي ته نظام ۽ قيادت جي تبديليءَ کان سواءِ ملڪ ۽ قوم جا مسئلا حل نٿا ٿي سگهن، جماعت اسلامي هڪ نظرياتي، فڪري ۽ اصولي جماعت آهي، اسيمبليءَ جون سيٽون يا وزارتون ڪا اهميت نٿيون رکن. جماعت اسلامي ظالمانه نظام جي خاتمي ۽ اسلام جي عادلانه نظام جي نفاذ لاءِ ئي جدوجهد ڪري رهي آهي
اهي خيالات هن نوابشاهه ۾ مقامي هال ۾ يومِ تاسيس جي حوالي سان منعقده جلسي عام کي خطاب ڪندي ظاهر ڪيا. مرڪزي جنرل سيڪريٽري چيو ته جماعت اسلامي 1941ع ۾ 75 ماڻهن سان قائم ٿي، جيڪا هاڻي هڪ تناور وڻ جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي. هن چيو ته سيد ابوالاعليٰ مودوديؒ اسلام جو جامع تصور پيش ڪيو، هن ٻڌايو ته اسلام ڪجهه عبادتن جو نالو ناهي پر هڪ مڪمل ضابطه حيات آهي ۽ ان کي نافذ ڪري ئي اسان دنيا ۾ ترقي ڪري سگهون ٿا. اميرالعظيم جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملڪ کي اسٽيبلشمينٽ هلائي رهي آهي پر ان کان وڌيڪ قصوروار اسان جون سياسي جماعتون آهن جيڪي انهن کي سهارو ڏين ٿيون، پوءِ اهي هڪ پارٽي کي ڪرائن ٿيون ۽ ٻي کي اقتدار ۾ آڻين ٿيون. هي ته ساپ ۽ ڏاڪڻ جو راند آهي.
جماعت اسلامي اهڙي سياست کي مناسب نٿي سمجهي. اسان جي جمهوريت ۽ سياست ناڪام ٿي وئي آهي. اڄ سياسي جماعتون هي طئي ڪن ته نه اسٽيبلشمينٽ کي سهارو ڏينداسين ۽ نه ئي فارم 47 جي حڪومت بڻائينداسين، تڏهن ئي پاڪستان ۾ حقيقي تبديلي اچي سگهي ٿي.ھن چيو ته نوان صوبا عوام جي ضرورت ناهن، اهي رڳو اسٽيبلشمينٽ ۽ سياستدانن جي ضرورت آهن ته جيئن قوم کي ورهائي وڌيڪ کان وڌيڪ سياسي فائدو حاصل ڪن ۽ پنهنجو حصو وٺن، ان جي بدران قوم جا مسئلا حل ڪيا وڃن. ان موقعي تي صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري سهيل احمد شارق خطاب ڪندي چيو ته جماعت اسلامي جي پاڪستان ۾ شاندار جدوجهد رهي آهي،
1948ع ۾ قراردادِ مقاصد منظور ڪرائي وئي، قادياني مسئلي تي جماعت اسلامي جي باني سيد ابوالاعليٰ مودوديؒ کي ڦاسي جي سزا ٻڌائي وئي، صدر ايوب خان جي آمريت جو ڊٽ ڪري مقابلو ڪيو ويو، 1973ع ۾ آئين پاڪستان جي منظوري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ويو. جلسي کي امير ضلع طارق جاويد، مقامي امير نجف رضا پڻ خطاب ڪيو.
آگسٽ 28, 2025