ملير: مير شبير ملوڪ عباسي جو لوڪ ادب بچائڻ ۽ سگهڙن جي وارثي لاءِ نئين تنظيم جو اعلان

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) نج سنڌي ادب لوڪ ادب ئي آهي، لوڪ ادب کي بچائڻ، واڌ ويجهه لاءِ ضروري آهي ته پنهنجي نئين نسل جو ان طرف ڌيان ڇڪائجي ۽ لوڪ ادب جي انسائيڪلوپيڊيا سوشل ميڊيا تي آڻجي ۽ سگهڙن جي هر طرح سان وارثي ڪجي، اهڙن خيالن جو اظهار سينيئر سگهڙ مير شبير ملوڪ عباسي ملير جي گهگهر ۾ تنظيمي دوري دوران ڪيو، هن چيو ته سنڌ ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي تنظيمون سگھڙن جي نمائندگي ڪري رهيون ۽ پنهنجي وت ۽ وس آهر ڪم ڪري رهيون آهن

پر اسان گڏجي هڪ نئين تنظيم سنڌ ملوڪ سگهڙ سماجي ڀلائي تنظيم جو بنياد رکيو آهي، جنهن سلسلي ۾ سموري سنڌ جي ڏاهن ڏات ڌڻين سگھڙن سان ملڻ ۽ صلاح مشورو ڪرڻ نڪتا آهيون جنهن جي شروعات ڪراچي کان ڪئي آهي، سندس چوڻ هو ته اسان هڪ هٽي جا مخالف آهيون جو هر پروگرام ۾ ساڳيا چهرا هجن ٻين کي موقعو نه ڏنو وڃي، اسان چاهيون ٿا ته جيڪي اسان جا ڏاها ڏات ڌڻي اڃان تائين پسمانده رهيا آهن انهن کي به ڀرپور موقعو ڏجي ۽ اسٽيج فراهم ڪجي جيئن پنهنجا نوازي وارو تاثر ختم ٿي سگهي،

سگھڙن جي بيماري، ڪتابن جي ڇپائي، سندن اولاد جي تعليم لاءِ ثقافت کاتي کي گڏجي سفارش ڪجي ۽ انهن معاملن جو ڪو مستقل حل ڪڍجي، جئين لوڪ ادب جا محافظ گھڻين پريشانين کان بچي سگهن ۽ لوڪ ادب لاءِ پنهنجون خدمتون جاري ۽ ساري رکن، ان موقعي تي سنڌ سڀيتا سگهڙ فورم جي مرڪزي صدر استاد احمد علي چانڊيو ، فقير علي نواز لنجواڻي، جمشيد زهراڻي ،ديدار ڀٽي، گل حسن سومرو، عبدالواحد ڪلمتي ۽ ٻين چيو ته تنظيمون ڀلي الڳ الڳ هجن پر مقصد ساڳيو ئي آهي

جنهن ڪري اسان اوهان جي هر سڏ ۾ سڏ ڏئي ٻانهن ٻيلي ٿي بيهنداسين، دوري ۾ مير شبير ملوڪ عباسي سان گڏ سنڌ جو ناليوارو سگهڙ رحيم بخش ڏهوٽ به گڏ هو، جڏهن ته سنڌ سڀيتا سگهڙ فورم جي مرڪزي آفيس تي پهچڻ تي مير شير ۽ رحيم ڏهوٽ مٿان گل ڇٽي سندن آجيان ڪئي وئي، ۽ مير شبير کي سنڌ جي ثقافت پٽڪو ٻڌرائي گلن جا هار ۽ اجرڪون پڻ اوڍايون ويون.

آگسٽ 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو