” مان ٽيلر سوئفٽ کان نفرت ڪريان ٿو“ چوندڙ آمريڪي صدر پاران پاپ گلوڪارا کي مڱڻي جون مبارڪون

Spread the love

واشگنٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پوپ اسٽار ٽيلر سوئفٽ ۽ آمريڪا جي فٽبال ٽيم جي رانديگر ٽريوس ڪيلس مڱڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، اِهو دنيا جي مشهور ترين جوڙن منجهان هڪ جي هاءِ پروفائل شادي جو پهريون مرحلو آهي.
اڱاري ڏينهن ٻنهي پنهنجي انسٽاگرام پيجز تي گڏيل پوسٽ ذريعي تصويرون شيئر ڪيون.
هڪ تصوير ۾ ڪيلس گلن جي باغ ۾ گوڏي ڀر ويهي ٽيلر سوئفٽ کي شاديءَ جي آڇ ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ٻي تصوير ۾ پوپ گلوڪارا کي هٿ ۾ هيري جي وڏي مُنڊي پاتل آهي.
جوڙي تصويرن سان گڏ هڪ مزاحيه ڪيپشن پڻ لکيو ته ” ڇا توهان جي انگريزيءَ جي استاد ۽ جِم ٽيچر شادي ٿي رهي آهي؟“
واضح رهي ته ٽيلر سوئفٽ ۽ ٽريوس ڪيلس ٻنهي جي عمر 35 سال آهي، سندن افيئرز جون خبرون پهريون ڀيرو 2023 ۾ سامهون آيون هيون.
ان کانسواءِ ٻنهي کي گهڻو ڪري مختلف ڪنسٽرٽس يا ڪنساس سٽي چيفس (ٽريوس ڪيلس جي ٽيم) جي ميچز دوران گڏ ڏٺو ويو.
ٻئي پاسي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به ٽيلر سوئفٽ ۽ ٽريوس ڪيلس کي مڱڻي جي اعلان تي مبارڪباد ڏني آهي.
آمريڪي صدر هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ”مان ٻنهي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيان ٿو “
سندس چوڻ هو ته”ٽريوس ڪيلس مون کي تمام سٺو ماڻهو لڳي ٿو، جڏهن ته ٽيلر سوئفٽ به شاندار شخصيت آهي.“
واضح رهي ته رهي ته ٽيلر سوئفٽ گذريل صدارتي چونڊن ۾ ٽرمپ جي مخالف ڪمالا هيرس جي حمايت جو اعلان ڪيو هو، جنهن کانپوءِ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪندي لکيو هو ته ”مان ٽيلر سوئفٽ سان نفرت ڪيان ٿو،“

آگسٽ 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو