سانگهڙ: فقير اسماعيل خاصخيلي قتل ڪيس ۾ جوابدار فيصل اقبال ڀٽي جي ضمانت هاءِ ڪورٽ رد

سانگهڙ( ڊ ر ) سانگهڙ فقير اسماعيل خاصخيلي ڪيس ۾ جوابدار فيصل اقبال ڀٽي جي ضمانت هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص رد ڪري ڇڏي، مقتول فقير اسماعيل خاصخيلي جي ضمانت ڪيس جي پيروي سينيئر قانوندان ايڊووڪيٽ هاءِ ڪورٽ محمد ياسين خاصخيلي ڪئي، ايڊووڪيٽ محمد ياسين خاصخيلي عدالت ۾ پختا ۽ مضبوط دليل پيش ڪري عدالت کي مطمئن ڪيو،
جنهن بعد عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ جوابدار فيصل اقبال ڀٽي جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، جوابدار جي طرفان سينيئر وڪيل هاءِ ڪورٽ عشرت حسين لوھار ۽ سندس پارٽنر وڪيل جميل پيش ٿيا هئا، واضح رهي ته جولاءِ 2024ع ۾ ريموٽ تان دڪاندار فيصل اقبال ڀٽي ۽ گراهڪ فقير اسماعيل خاصخيلي جي وچ ۾ تڪرار ۽ جهيڙو ٿيو هو انهيءَ جهيڙي دوران مبينا طور فقير اسماعيل خاصخيلي کي گولي لڳي ۽ هو فوت ٿي ويو،
جوابدار فيصل اقبال ڀٽي جي ضمانت 13 فيبروري 2025ع تي فرسٽ ايڊيشنل جج سانگهڙ اڳ ئي رد ڪري ڇڏي هئي، هاءِ ڪورٽ مان ضمانت رد ٿيڻ کان پوءِ جوابدار فيصل اقبال ڀٽي سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪري سگهيو ٿئي، جڏهن ته ان ڪيس ۾ جوابدار فيصل اقبال ڀٽي جو والد اقبال ڀٽي اڃا تائين روپوش آهي،
آگسٽ 28, 2025