دنيا جي ڀلوڙ نوجوان ڪرڪيٽرن ۾ڪيترا پاڪستاني شامل؟ وزڊن فهرست جاري ڪري ڇڏي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور ڪرڪيٽ رسالي ” وزڊن“ دنيا جي بهترين نوجوان رانديگرن جي نئين فهرست جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ پاڪستان جا چار ڪرڪيٽر پڻ شامل آهن.
وزڊن طرفان جاري ڪيل فهرست 23 ورهين کان گهٽ عمر وارن رانديگرن جي ڪارڪردگي ۽ ڊگهي ڪيريئر امڪانن کي نظر ۾ رکندي تيار ڪئي وئي آهي.
وزڊن پنهنجي فهرست ۾ جن پاڪستاني رانديگرن کي شامل ڪيو آهي انهن ۾ فاسٽ بالر نسيم شاهه، اوپننگ بيٽر صائم ايوب، هارڊ هٽر بيٽر حسن نواز ۽ بالر علي رضا شامل آهن.
فهرست ٽاپ ٽين ۾ نسيم شاهه ڇهين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته ڀارتي رانديگر يشسوي جئسوال جو پهريون نمبر آهي
ٻئي نمبر تي ويسٽ انڊيز جو جيڊن سيلز، ٽئين تي انگلينڊ جو جيڪب بيٿل، چوٿين تي نيوزيلينڊ جو ول او رورڪ ۽ پنجين تي ڏکڻ آفريڪا جو لوان ڊري پريٽوريس موجود آهي.
ان کانسواءِ ستين پوزيشن افغانستان جي رحمان الله گُرباز کي ملي آهي، اٺين تي ڏکڻ آفريڪا جو ڪيونا مڦاڪا، نائين تي ڀارت جو ساءِ سڌرشن ۽ ڏهين تي افغانستان جو ابراهيم زردان شامل آهن.
پاڪستاني نوجوانن ۾ صائم ايوب 11 هون، حسن نواز 26 هون ۽ علي رضا 37 هون نمبر ماڻيو.
هتي اِها ڳالهه پڻ ذڪر جوڳي آهي ته ٽاپ ٽين ۾ آسٽريليا جو ڪو به رانديگر جاءِ ناهي ٺاهي سگهيو.
هي ڳالهه به قابلِ ذڪر آهي ته ٽاپ ٽين ۾ آسٽريليا جو ڪو به رانديگر جاءِ نه ٺاهي سگهيو۔
ياد رهي ته وزڊن طرفان 2019 کانپوءِ پهريون اهڙي فهرست تيار ڪئي وئي آهي.