دادو: ڀائرن ۾ زمين جي معاملي تان تڪرار، وڏو ڀاءُ ننڍي ڀاءُ تي الزام، تحفظ لاءِ اعليٰ اختيارين کي اپيل
ڦلجي اسٽيشن (رپورٽ:غلام حيدر پنھور ) دادو ڀرسان مخدوم بلاول ڳوٺ رب رکيو جي رھواسين سائين ڏنو پنھور ننڍي ڀاءُ بشير پنھور جي ظلم خلاف داھيندي الزام لڳائيندي چيو آھي ته اسان پنھنجي سئوٽ امام بخش پنھور کان زمين جو ھڪ جريب سروي نمبر 422 20 لک ۾ گڏجي ٻنھي ڀائرن خريد ڪيو ھو،
جنھن ۾ مان خود 10 لک روپيا ڏنا ۽ منھنجي ننڍي ڀاءُ 10 لک روپيا نه ڏنا ۽ پيسا گھرڻ تان اسان جي خلاف ميڊيا تي اچي بي بنياد الزام لڳائي رھيو آھي، مون ۽ منھنجي سئوٽن کي ڀاءُ بشير پنھنجي زال جي چوڻ تي اسان کي بدنام ڪري پيو، ھن وڌيڪ چيو ته اسان جو ننڍو ڀاءُ اسان تي تشدد ڪري ۽ ڳوٺ مان لڏو کڻي پنھنجي ساھرن سان گڏ رھندو آھي،
ھن اسان جي مٿان مخدوم بلاول ٿاڻي تي ڪوڙيون درخواستون ڪيون آھن، ھن آءِ جي سنڌ ڊي آءِ حيدرآباد ۽ دادو ايس ايس پيءُ کان تحفظ جي گھر ڪئي آهي ته واقعي جي جانچ ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي،
آگسٽ 28, 2025