پاڻي ڪرتارپور جي سڄي علائقي کي ٻوڙي ڇڏيو، گوردوارو متاثر

Spread the love

نارووال (ويب ڊيسڪ) ڀارت طرفان درياهن ۾ پاڻي ڇڏڻ کانپوءِ پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ جي صورتحال آهي، ٻوڏ جي پاڻي سبب ڪرتارپور جو سڄو علائقو پاڻي هيٺ اچي ويو.
راوي درياهه ۾ ٻوڏ جي صورتحال سبب پاڪستان ۽ ڀارت جي سرحد تي تاريخي اهميت رکندڙ گوردواري ڪرتارپور صاحب ۾ ٻوڏ جو پاڻي داخل ٿي ويو.
ڪرتارپور پراجيڪٽ جي ڊپٽي سيڪريٽري موجب گوردواري ۾ ٻوڏ جو پاڻي داخل ٿيڻ سبب 200 کان 300 ماڻهو ڦاسي پيا آهن.

آگسٽ 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو