ٺٽو: مڪلي سوسائٽي ۾ بجلي بندش خلاف احتجاج، ڌرڻي بعد بجلي بحال، پوليس ايف آئي آر داخل، عدالت ضمانت منظور ڪئي

Spread the love

ٺٽو( رپورٽ: نظير احمد قريشي)  مڪلي سوسائٽي ۾ بجلي جي بندش خلاف احتجاج، حيسڪو سان ڳالهيون  ضلعي ڪاؤنسل جي چيئرمن جي يقين دهاني تي   ڌرڻو ختم ، پوليس جي ايف آئي آر، عدالت مان ضمانت ، مڪلي سوسائٽي جي رهواسين پاران بجلي جي 3 ڏينهن جي مسلسل بندش خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو. رهواسين ايڪسين حيسڪو سان ملاقات ڪري بجلي جي بندش بابت خدشن جو اظهار ڪيو،

جنهن دوران ايڪسين پاران بجلي 3 ڏينهن کان پوءِ بحال ڪرڻ جو جواب ڏنو ويو. ان صورتحال خلاف رهواسين پاران باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ڌرڻي دوران حيسڪو جي عملدارن، پوليس آفيسرن ۽ ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين عبدالحميد پنهور پاران يقين دهاني ڪرائڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو، ۽ علائقي جي بجلي بحال ڪئي وئي.

پر ان ئي رات ساڍي ٻارهين بجي مڪلي ٿاڻي تي پوليس پاران احتجاج ڪندڙن خلاف ايف آئي آر داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ 7 ڄڻن کي سڃاتل ۽ 25 ڄڻن کي اڻڄاتل ڄاڻايو ويو. نامزد ٿيل شهرين ۾ طفيل ميمڻ، وسيم ميمڻ، نصر الله پٺاڻ، شهزاد شاهه، عبدالستار ميمڻ، ۽ رفيق احمد سومرو شامل آهن. نامزد جوابدارن جي ضمانت لاءِ سينئر وڪيل آفتاب احمد ميمڻ ۽ سيد ڪاشان شاهه سيشن ڪورٽ ٺٽو ۾ درخواست داخل ڪئي،

جنهن تي معزز عدالت ضمانت منظور ڪئي. اها صورتحال ٺٽي جي عوام ۾ بي چيني پيدا ڪري ڇڏي آهي، جتي شهرين مطالبو ڪيو آهي ته بيگناهه ماڻهن تي داخل ڪيل ايف آئي آر فوري طور ختم ڪئي وڃي، ۽ مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪيا وڃن.

آگسٽ 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو