ملير ضلعي جي مختلف علائقن مان گندو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، روڊ تلائن ۾ تبديل ، شهري اذيت ۾ مبتلا
ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) ملير ضلعي جي مختلف ڳوٺن ۽ شهرن مان برسات جو گندي پاڻي جي نيڪال ۾ انتظاميا مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي جنهن سبب گلشن حديد، بسرافي ڳوٺ، قائدا اڌ، پپري گهگهر، رزاق آباد، ميمڻ ڳوٺ ڪاٺوڙ، عبداللہ ڳوٺ، شاہ لطيف ،يوسف عسرفاڻي ڳوٺ، ڀٽائي آباد، صفورا چورنگي، منزل پمپ، ايئرپورٽ، ماڊل ڪالوني ۽ ٻين علائقن جا روڊ پاڻي هيٺ اچي تباهه ٿي ويا آهن ۽ ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر ٿي وئي آهي
ان سلسلي شهرين جو چوڻ آهي ته صفورا چورنگي ڀرسان سوسائٽين مان 9 ڏينهن گذرڻ باوجود پاڻي نه نڪتو آهي جنهن ڪري روڊن تي پاڻي بيٺل آهي ۽ رهواسي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن۔ ايئرپورٽ روڊ، شاهراهه فيصل ۽ نيشنل هاءِ وي تلا جو منظر پيش ڪري رهيا آهن جتي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ گهڻا ڪلاڪ جام ٿي رهي آهي
پاڻي بيهجي وڃڻ سبب گاڏيون، اسڪول، مسجدون ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، ٻارڙا اسڪول نٿا وڃي سگهن ۽ روزاني زندگي مفلوج ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڪراچي واٽر اينڊ سيورج ڪارپوريشن، ملير ۽ صفورا ٽائون انتظاميا مڪمل طور غائب آهي شهرين مطالبو ڪيو آهي ته ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، ٽائون ملير،ابراهيم حيدري، گڏاپ چيئرمينن سميت وڏي وزير سنڌ فوري طور نوٽيس وٺي پاڻي جي نيڪال جو بندوبست ڪن۔
آگسٽ 27, 2025