شاهه رخ ۽ دپيڪا جي اشتهار تي هرکي ڪار وٺندڙ شهري طرفان ٻنهي اداڪارن خلاف ڪيس داخل

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان ۽ سپر اسٽار دپيڪا پاڊڪون خلاف مشهور ڪار برانڊ جي گاڏي ۾ ٽيڪنيڪي خرابي جي نشاندهي تي ڪيس داخل ڪيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ڀارتي رياست راجسٿان جي شهر ڀرتپور جي وڪيل ڪيرتي سنگهه ڪار برانڊ جي مينو فيڪچرنگ ۾ مبينا نقص ظاهر ٿيڻ بعد ڪمپني جي مينيجنگ ڊائريڪٽر، فل ٽائيم ڊائريڪٽر، سي اي او ۽ شوروم مالڪن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.
ڪيس ۾ شاهه رخ خان ۽ دپيڪا پاڊڪون کي به نامزد ڪيو ويو آهي، مٿن الزام آهي ته بالي ووڊ جون اِهي شخصيتون خراب گاڏين جي مشهوري ڪري رهيون آهن.
ڪيرتي سنگهه طرفان داخل ڪيل ايف آءِ آر موجب، هن 2022 ۾ 23 لک 97 هزار ڀارتي رپين جي ڪار بئنڪ لون تي خريد ڪئي هئي. ڪار خريدڻ جو فيصلو مشهور بالي ووڊ اداڪارن جا اشتهار ڏسي ۽ برانڊ جي طرفان ڪار جي مڪمل طور تي ‘Trouble free’ هئڻ جي خاطري بعد ڪيو ويو.
پر، ڪجهه مهينن جي استعمال دوران ئي ڪار ۾ ٽيڪنيڪي خرابي ظاهر ٿيڻ لڳي، جنهن سبب ڪار ڪيترن ئي حادثن کان ذري گهٽ بچي وئي، ڊيلرشپ سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ويو ته ڪار جي مينو فيڪچرنگ ۾ خرابيون آهن، جيڪي درست نٿيون ڪري سگهجن.
ڪيس ۾ شاهه رخ ۽ دپيڪا تي الزام لڳايو ويو آهي ته انهن خراب برانڊ جي اشتهارن جي مشهوري ڪري ماڻهن کي ورغلايو آهي.
ان ڏس ۾ پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻنهي شخصيتن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

آگسٽ 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو