سڪرنڊ ۾ حاجي علي نواز چانڊيو جي جنم ڏينهن تقريب، خوشيون ورهائڻ تي زور

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ حاجي علي نواز چانڊيو چيو آهي ته خوشين جا ڪي به ماپا ناهن هوندا ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته خوش رهجي ۽ خوشيون ورهائجن هُو اجوا پارڪ ۾ سندس مان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي ضلعي جنرل سيڪريٽري ڏاڏا غلام شاھ لغاري پاران رکيل جنم ڏينهن جي تقريب ۾ ڳالهائي رهيو هو

هن چيو ته مان پاڻ کي خوشنصيب سمجهندو آهيان جو مونکي محبتي ۽ خلوص وارا دوست مليا آهن ان کان اڳ ڏاڏا غلام شاھ لغاري آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪيو ان موقعي تي ڊاڪٽر بشير احمد جمالي ، شاهنواز چانڊيو ، حاجي اڪرام لغاري ، حاجي مراد علي ملاح ، مير عبدالجبار چانڊيو ، غلام سرور رند ، بلاول علي ڪيريو ، رفيق احمد لاشاري ، ممتاز علي لاشاري ، عبدالجبار لغاري ، عبدالحفيظ لغاري ، آصف لاشاري پڻ موجود هئا تقريب دوران پروگرام جي ميزبانن امام الدين جلباڻي ۽ عبدالحفيظ مگسي پاران صاحب محفل حاجي علي نواز چانڊيو کي لنگين ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا .

آگسٽ 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو