سنڌ حڪومت هاڻي ئي سنڌ ايمپلائيز الائنسس سان ڳالهيون ڪري سندن مطالبا تسليم ڪري
سنڌ ايمپلائيز الائنسس جي سڏ تي ٽيون ڏينهن سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، سرڪاري ملازمن ڊيوٽين جو بائيڪاٽ ڪيو. استادن ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ ايئن ڪارو ڏينهن ڪري ملهايو ويو. ان سان گڏ ايمپلائيز الائنسس پهرين کان 15 سيپٽمبر تائين هر ڊويزن ۾ پڻ ڪارو ڏينهن ملهائڻ ۽ ورڪرز ڪنوينشين ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو آهي. سرڪاري ملازمن اهو احتجاج پينشن ۽ مختلف الائونسز ۾ ڪيل ڪٽوتين، ڊي آر الائونسس ۽ گروپ انشورنس نه ملڻ خلاف ڪيو ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ مختلف کاتن جا ملازم رستن تي نڪري آيا. رپورٽون آهن ته سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جي حوالي سان تازو جيڪي فيصلا ڪيا آهن ۽ قانون آندا آهن تن ۾ خاص طور پينشن پاليسي ۽ رٽائرمينٽ واري پاليسي تي سخت اعتراض ٿيا آهن جن ڪري سرڪاري ملازم سراپا احتجاج بڻجي ويا آهن. ان ڏس ۾ سنڌ ايمپلائيز الائونس اهو به چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن سندن مطالبا نه مڃيا ويا ته اهي چيف منسٽر هائوس سنڌ جي آڏو به احتجاج ڪندا.
اسان سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت کي عوام جي مسئلن جي حل ڏانهن ۽ سندس مطالبن کي تسليم ڪرڻ جي حوالي سان ترت ئي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ فوري طور تي سنڌ ايمپلائيز الائنسس سان ڳالهيون ڪري سندن مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته جيئن اهي سرڪاري ملازم پنهنجين اهم ڊيوٽين، اسڪولن ۽ اسپتالن جو بائيڪاٽ ڪري روڊن تي اچي مظاهرا نه ڪن. هاڻي سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته سنڌ جي مختلف کاتن ۾ ڪم ڪندڙ سرڪاري ملازمن کي اهڙي ضرورت ئي ڇو پيش آئي يا اهڙي نوبت ئي ڇو آئي جو انهن کي پنهنجن مسئلن جي حل لاءِ سنڌ ايمپلائيز الائنسس نالي گڏ ٿيڻو پيو ۽ اڳتي هلي کين روڊن رستن تي اچي مظاهرا ڪرڻا پيا. ان سوال جو جواب حڪومتن جون عوام دشمن پاليسيون ئي هونديون آهن.
سنڌ جي سرڪاري ملازمن کي سنڌ حڪومت کان اها شڪايت آهي ته اها وقت ۽ مهانگائي جي برق رفتاري کي ڏسندي بجاءِ ان جي ته سندن پگهارن ۽ الائونسز ۾ واڌ ڪري ته جيئن اهي مهانگائي کي ۽ گهر جي ضرورتن کي منهن ڏئي سگهن الٽو حڪومت انهن کي مليل سهولتون به کسي رهي آهي. اسان اهو به سمجهون ٿا ته سرڪاري ختم ڪري رهي آهي جنهن سبب انهن جو روڊن تي اچي مظاهرو ڪرڻ غير معمولي ۽ انتهائي ردعمل آهي جنهن سان خود حڪومتي وهنوار پڻ متاثر ٿي رهيو آهي اهو نقصان يا ان نقصان جي قيمت ملازمن کان کسيل الائونسز جي قيمت کان وڌيڪ آهي. ٻيو ته اهو حڪومت لاءِ به سٺو سنوڻ ناهي ته عام ماڻهو حڪومت جي پاليسين مان خوش نه هجن ۽ روڊن رستن تي نڪري اچن.
ان ڪري به حڪومت لاءِ ضروري آهي ته اها ان معاملي کي جيترو جلد ممڪن ٿي سگهي حل ڪري ۽ ان معاملي کي پنهنجي عزت ۽ ساک جو سوال سمجهي. پر افسوس ته اسان وٽ ان جذبي تحت حڪومت ڪرڻ جو تصور ئي ناهي رهيو. اسان جا حڪمران جيڪي حقيقي معنيٰ ۾ عوام جا خادم هوندا آهن سي ان مٿان حاڪم بڻجي ويندا آهن جڏهن ته سندس بنيادي ڪم عوام جي خدمت ڪرڻ هوندو آهي پر هاڻي عوام خدمت جي تقاضا ڪري ٿو يا پنهنجا حق گهري ٿو ته ان تي حڪمران الٽو ناراض ٿين ٿا، مٿن پوليس اهلڪارن هٿان لٺ بازي ڪرائي وڃي ٿي، تشدد ڪرايو وڃي ٿو ته اهيءِ پنهنجن مطالبن لاءِ روڊن تي ڇو آيا آهن. خاص ڪري کين ان ڳالهه تي گهڻي چڙ لڳندي لڳندي آهي ته اهي چيف منسٽر هائوس آڏو احتجاج ڪرڻ ڇوٿا اچن. چيف منسٽر هائوس بجاءِ ان جي ته عوامي مرڪز هجي ان کي ريڊ زون بڻائي عوام لاءِ نوگو ايريا بڻايو ويو آهي. هاڻي ڪير پڇي ته عوام کان ووٽ وٺڻ لاءِ جڏهن اوهان سيڙجي سندن گهرن تائين هليا ويندا آهيو ته غريب ۽ عام ماڻهو اوهان جي آڏو اکيون وڇائي اوهان جو آڌر ڀاءُ ڪندو آهي ۽ ان احساس وچان اوهان کي ووٽ به ڏيندو آهي ته اوهان سندسن گهر هليا آيا آهيو پر جڏهن ساڳيو عوام اوهان کي ڏنل ووٽ عيوض پنهنجي گهرج کڻي اوهان ڏي اچي ٿو ته اوهان سندن اها عزت ڪريو ٿا ته مٿن لٺ بازي ڪري کين ڀڄائي ڇڏيو ٿا.
سنڌ ايمپلائيز الائنسس ۾ شامل سرڪاري ملازمن پهرين مرحلي تي ته سنڌ جي مختلف شهرن اندر ئي احتجاجي مظاهرن جو فيصلو ڪيو آهي پر جيڪڏهن انهن وزيراعليٰ هائوس اچڻ جو فيصلو ڪيو ته ڇا اوهان ساڻن به اهو ئي حشر ڪندئو جيڪو عام طور تي اوهان هميشه استادن، ڊاڪٽرن، نرسن ۽ ٻين احتجاج ڪندڙ ماڻهن سان ڪندا آيا آهيو. پر جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته سنڌ ايمپلائيز الائنسس وارا چيف منسٽر هائوس نه اچن، اوهان جي ريڊ زون کي نه اورانگهين ته هاڻي ئي ساڻن ڳالهايو وڃي ۽ سندن مسئلن کي حل ڪيو وڃي.
اها به حڪمرانن جي ئي ڊيوٽي آهي ته اهي عوام جي مسئلن کي ٻڌن ۽ ٻڌڻ جي صورت ۾ ان جو حل ڪڍن. حڪومت عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ئي قائم ڪئي ويندي آهي پر هتي حڪومتون عوام لاءِ رهندو مسئلا ٿيون پيدا ڪن ته پوءِ لٺ بازي ته مسئلا پيدا ڪندڙن مٿان ٿيڻ گهرجي يا نه؟ اسان ته اهو به سمجهندا آهيون ته احتجاج ڪري حڪومتن کي پنهنجا مسئلا ٻڌائڻ به ائين ئي آهي جيئن ڪو مريض پنهنجي بيماري جو ڪيس ڊاڪٽر ڏانهن کڻي ويندو آهي ته اهو سندس بيماري ختم ڪري سو حڪمرانن کي به ڊاڪٽر بڻجي عوام جي مسئلن وارين بيمارين کي ختم ڪرڻ وارو ڪم ڪرڻ جو سوچڻ گهرجي. ان ڪري سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اها فوري طور تي سنڌ ايمپلائيز الائنسس جي وفد سان ملاقات ڪري، سندن مسئلا چڱي ريت هڪ هڪ ڪري ٻڌي. اهو وفد ئي حڪومت کي پنهنجا مسئلا چڱي ريت ٻڌائي سگهي ٿو. ٻيو ته اهو طئي آهي ته سرڪاري ملازمن جا جيڪي به مسئلا ۽ مطالبا آهن سي هر قيمت تي حڪومت کي حل ڪرڻا آهن اها ان جي آئيني ذميواري آهي جيڪا ان کي هر قيمت تي ادا ڪرڻي پوندي.
آگسٽ 27, 2025