سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ايس ايس پي جي گهران ڌاڙي جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ ايس ايس پي توحيد ميمڻ ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان سيده عقربا جا گهران ڦر جي ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. پوليس اختيارين موجب واردات ۾ ملوث گاڏي ڪورنگي مان برآمد ڪري 4 شڪين کي گرفتار ڪيو ويو آهي،

جن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي. پوليس اختيارين ٻڌايو ته جوابدارن مهانگي گاڏي تي بنگلي ۾ واردات دوران روڪ رقم ۽ زيور کڻي فرار ٿي ويا هئا، سي سي ٽي وي وڊيو ۽ ٽيڪنيڪي وسيلن جي استعمال سان گرفتاريون ٿيون آهن.

آگسٽ 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو