دادو ۾ سنڌو درياهه جو چاڙهه، سوين ڳوٺ پاڻي جي گهيري ۾، متاثرن جو رليف جو مطالبو

Spread the love

دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) دادو: سنڌو درياھه ۾ چاڙھ ايل ايس بچاءُ بند تي دٻاءُ پاڻي ھڪ سئو کان وڌيڪ ڳوٺن کي گھيري ڇڏيو، آبپاشي کاتو ضلع انتظاميا،  ھيلٿ ۽ وٽنري کاتو گم علائقي واسين جو ساھ مٺ ۾  سنڌو درياهه ۾ دادو، مورو پل وٽ وڏو چاڙهه اچڻ بعد دادو ضلعي جي ڪچي جي علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي 100 کان وڌيڪ ننڍا وڏا ڳوٺ پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويا آهن، جڏهن ته درياهه جي ڪچي ۾ تقريبن 8 هزار ايڪڙ زمين تي پوکيل ڪپهه، مرچ، ٻاجهري،گوار، تر، بصر، جوئر ۽ ٻين فصلن کي سخت نقصان پهتو آهي.

پاڻي جي آمد سبب ڪيترن ئي ڳوٺن جو زميني رابطو مڪمل طور تي ڪٽجي ويو آهي، متاثر ڳوٺن قائم سيال، شيخ گلاب، ڀٽائي آباد، سونھري، دانو چانڊيو، ڊيم، رمضان ماڇي، جتوئي، مستوئي، چانڊيا، کوتوکرل، حسين جتوئي، نبن مستوئي، گل محمد ڪوريجو، قلب علي جتوئي، ڳھڻو خان جتوئي، ڇٽو مستوئي، بھادي جتوئي، الھ بخش ڪوريجو ۽ ٻين ڳوٺن مان ماڻهن جي وڏي انگ ۾ لڏپلاڻ شروع ٿي وئي آهي، جتي مرد، عورتون، ٻار ۽ پوڙها پنهنجي گهرن کي ڇڏي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن. بي يارو مددگار متاثرن رمضان سولنگي، ممتاز چانڊيو، حبيب اللہ سولنگي، اوڀايو جتوئي، قربان جتوئي۽ ٻين پاران حڪومتي ادارن کان فوري رليف ۽ تحفظ جي اپيل ڪئي وئي آهي،

مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته باوجود ڪيترائي ڏينهن گذرڻ جي،انتظاميه طرفان ڪنهن به قسم جي امداد يا ٻوڏ خلاف حفاظتي قدم ناهن کنيا ويا، جنهن سبب ڳوٺاڻا سخت پريشاني جو شڪار آهن پاڻي جي سطح تيزيءَ سان وڌي رهي آهي، جنهن سان وڌيڪ ڳوٺن کي خطرو لاڳاپيل بڻجي ويو آهي متاثرن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت، ضلعي انتظاميه فوري طور متاثرن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ٻيڙين جو بندوبست ڪري ۽ آفتن واري اداري (PDMA) فوري طور نوٽيس وٺي،

مدد لاءِ هنگامي بنيادن تي امدادي ڪارروايون شروع ڪري، محفوظ رهائش، خوراڪ، دوا ۽ ٻي بنيادي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي،

آگسٽ 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو