دادو گرلس ڊگري ڪاليج ۾ فيس ۽ داخلا ڪاغذ گم ٿيڻ جو معاملو، شاگردياڻين جو احتجاج جاري، ڪلارڪ معطل
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي) دادو: گرلس ڊگري ڪاليج ۾ شاگردياڻين جي فيس ۽ ڪاغذ گم ٿيڻ وارو معاملو، ٻئي ڏينهن به احتجاج، انتظاميان ڪلارڪ معطل ڪري انڪوائري شروع ڪري ڇڏي گرلس ڊگري ڪاليج دادو ۾ شاگردياڻين جي فيس ۽ انرولمينٽ ڪاغذن جي گم ٿيڻ وارو معاملو وڌيڪ ڳرو ٿي ويو آهي، ٻئي ڏينهن به سوين شاگردياڻين پنهنجي حقن لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا. شاگردياڻين جو چوڻ هو ته بي ايس سي پارٽ 1 سميت مختلف شعبن ۾ داخلائون ڪرائڻ باوجود، سندن داخلا نه ڪئي وئي آهي،
جڏهن ته ڪروڙين رپيا مبينا طور ڪلارڪ زاھد پنھور کڻي فرار ٿي ويو آهي ان سلسلي ۾ شاگرد تحريڪون به ميدان ۾ لهي آيون آهن. سپاف تعلقا دادو ۽ سپاف سٽي دادو طرفان ڪاليج گيٽ آڏو احتجاج ڪيو ويو، جنهن ۾ اڳواڻن چيو ته نياڻين سان ٿيندڙ زيادتي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. احتجاج ۾ سپاف اڳواڻ عرفان ٻٻر، زڪريا جمالي، نظير جمالي، عرفان لاشاري، سهراب خان، نويد جمالي، رضوان ملاح، منير هنڱورو، ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪلارڪ ۽ ڪاليج انتظاميا شاگردياڻين سان وڏو ظلم ڪيو آهي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. انتظاميا سپاف اڳواڻن کي هڪ هفتي جي محلت گهري، ۽ خاطري ڪرائي ته شاگردياڻين سان ناانصافي نه ٿيندي. ٻئي طرف جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) مرڪزي آرگنائيزر درياخان پنھور جي اڳواڻي ۾ وفد ڪاليج پھتو، جتي احتجاج ڪندي انتظاميان کي اٺن ڏينهن جي محلت ڏني وئي.
اڳواڻن چيو ته جيڪڏهن شاگردياڻين جي داخلا بحال نه ٿي ته سخت تحريڪ شروع ڪئي ويندي. جساف ضلعي صدر سالار سولنگي، حفيظ چانڊيو، ثنا پنھور، عقيل لنڊ، اسد سيال ۽ ٻين شرڪت ڪندي چيو ته جساف شاگردن جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکندي ان دوران دادو عوامي فورم جي چيئرمين عاشق علي زئونر به وفد سميت ڪاليج پهتو ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته “نياڻين کي اڪيلو نه ڇڏبو، ضرورت پئي ته مخير حضرات جي مدد سان دادو عوامي فورم طرفان سندن فيس به ادا ڪنداسين. هن انتظاميا ۽ تعليمي بورڊ کي اپيل ڪئي ته سلپون جاري ڪرڻ کان اڳ رهيل داخلائون مڪمل ڪيون وڃن ان حوالي سان گرلس ڊگري ڪاليج جي پرنسپل ميڊم رخسانہ سهاڳ وضاحتي بيان جاري ڪيو آهي
. هن چيو ته شاگردياڻين جي فيس ۽ داخلا جو معاملو منهنجي اچڻ کان اڳ جو آهي. آءُ هر شاگردياڻي کي پنهنجي ڌيءَ سمجهان ٿي، ڪنهن به قسم جي ناانصافي برداشت نه ڪنديس. هن وڌيڪ چيو ته ڪلارڪ زاھد پنھور تي الزام بعد کيس معطل ڪيو ويو آهي ۽ انڪوائري جاري آهي. پرنسپل يقين ڏياريو ته شاگردياڻين جو سال ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ انصاف فراهم ڪيو ويندو سماجي، سياسي ۽ شاگرد تنظيمن هن واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دادو جهڙي اهم تعليمي ادارن ۾ ڪرپشن ۽ بي ضابطگين سبب مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي، جنهن خلاف گڏيل جدوجهد ڪرڻي پوندي.
آگسٽ 27, 2025