ايشيا ڪپ مها دنگل: وسيم اڪرم ڀارت کي فيورٽ قرار ڏئي ڇڏيو

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ليجنڊري فاسٽ بولر وسيم اڪرم ايشيا ڪپ 2025 ۾ روايتي حريف ڀارت جي خلاف شيڊيولا ” مها دنگ“ کان اڳ پنهنجي فيورٽ ٽيم بابت ٻڌائي ڇڏيو.
سوئنگ جو سلطان وسيم اڪرم پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪ-ڀارت ٽاڪرو 14 سپٽيمبر تي ٿيندو ۽ هميشه جيان انتهائي دلچسپ ٿيندو، پر جيڪا ٽيم دٻاءَ کي بهتر نموني منهن ڏيندي اها ئي سوڀاري ٿيندي.
وسيم اڪرم روايتي مخالفن جي ٽاڪري ۾ ڀارتي ٽيم کي فيورٽ قرار ڏنو ۽ وضاحت ڪندي چيو ته ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ فيورٽ هئڻ کان وڌيڪ اصل امتحان دٻاءَ هيٺ کيڏڻ جو هوندو آهي ۽ پاڪستاني ٽيم به وڏن مقابلن ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي صلاحيت رکي ٿي.
وسيم اڪرم شوقينن کي نظم ۽ ضبط رکڻ جي هدايت ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڀارتي پنهنجو پاڻ کي محب وطن سمجهن ٿا ۽ چاهين ٿا ته سندن ٽيم کٽي ته پاڪستاني عوام پڻ دل سان سان پنهنجي ٽيم کي سپورٽ ڪري.
هن چيو ته پاڪستاني به فتح جي خواهش رکن ٿا، پر سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته ٻنهي ملڪن جي شوقينن کي مقابلو راند جي حد تائين رکڻ گهرجي ته جيئن اِها ميچ سڀني لاءِ دلچسپ ۽ يادگار ثابت ٿئي.
وسيم اڪرم ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته رانديگرن سان گڏ شوقينن کي به راند جي اصل روح کي برقرار رکڻو پوندو.
هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن جي ڪرڪيٽ پرستارن کي نظم، ضبط ۽ سهپ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ته جيئن سڄي دنيا ۾ ڪرڪيٽ جو هاڪاري پيغام وڃي.

آگسٽ 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو