30 رپين تي تڪرار تي بيٽون هڻي ٻه ڀائر قتل، مک جوابدار گرفتار، سي سي ڊي حوالي

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي علائقي رائيونڊ ۾ 30 رپين جي تڪرار تي ٻن ڀائرن جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، گرفتار مک جوابدار کي سي سي ڊي حوالي ڪيو ويو.
فريادي جي وڪيل احمد علي اعواڻ موجب پوليس طرفان اڄ مک جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن کي سي سي ڊي حوالي ڪيو ويو آهي.
هن ٻڌايو ته ٻيو جوابدار اڃا پوليس جي حراست ۾ آهي، جڏهن ته ٻين شريڪ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس ڇاپا هڻي رهي آهي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ لاهور روڊ تي ڪيلن جي خريداري دوران ٻن ڀائرن ۽ فروٽ کپائيندڙ ۾ تڪرار ٿيو هو.
ٻنهي ڀائرن ڪيلا خريد ڪيا، فروش واري کانئن 130 رپيا طلب ڪيا، خريدار ڀائر پيسا ڏيڻ لڳا ته انهن وٽ 100 رپيا ۽ ٻيا 5 هزارن جا نوٽ هئا.
ان دوران 30 رپين جي ادائيگي تي ڏند چڪ ٿي ۽ ڳالهه جهيڙي تائين پهچي وئي، فروٽ کپائيندڙ فون ڪري پنهنجي ساٿين کي گهرائي ورتو، جيڪي ڀرسان ڪرڪيٽ کيڏي رهيا هئا.
پوءِ فروٽ کپائيندڙ جي ساٿين ڪرڪيٽ بيٽ سان ٻنهي ڀائرن واجد ۽ راشد تي بدترين تشدد ڪيو، جنهن ۾ هڪ ڀاءُ ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته ٻئي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو هو ۽ ان به دم ڏئي ڇڏيو.
جوابدارن خلاف قتل جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو.