ڪيس هلڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، رستي ۾ ئي فائل چوري ٿي ويا: سپريم ڪورٽ جو جج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس نعيم اختر افغان هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته عدالت ۾ ڪيس هلڻ کان روڪڻ لاءِ ڪوشش ڪئي وئي، رستي ۾ ئي ڪيس جا فائل چوري ٿي ويا.
جسٽس حسن اظهر رضوي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ نجي ڪمپني جي شيئرز جي خريد ۽ وڪري ۽ بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي اليڪشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب به شامل هئا.
وڪيل احسن ڀون چيو ته سوين صفحن تي ٻڌل هڪ ڌار درخواست داخل ڪئي وئي آهي، جسٽس نعيم اختر ريمارڪس ڏنا ته ڇا هي اهو ئي ڪيس آهي، جنهن ۾ ڪمپني جي ڊائريڪٽر کي آمريڪا ۾ هراساني ثابت ٿيڻ تي ڪڍيو ويو، ان نوعيت جو هڪ ڪيس ته منهنجي بينچ ۾ اچي چڪو آهي.
هن چيو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ته هراساني ثابت ٿيڻ کانپوءِ گورن خلاف ڪارروائي جو ڪيس هلايو ويو، عدالتي ڪارروائي ۾ ٿائلينڊ ۽ آمريڪا جي گورن کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا.
جسٽس نعيم اختر افغان پڇاڻو ڪيو ته ڇا آمريڪا ۽ ٿائلينڊ ۾ رهندڙ گورن خلاف ڪارروائي هلائڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪرائيندڙ هي اهو ئي صاحب آهي، خبر ناهي اسان پاڪستان جو ڪهڙو اميج ٺاهي رهيا آهيون.
وڪيل جواب ڏنو ته جي هي اهو ئي صاحب آهي، جسٽس نعيم اختر پڇيو ته ڇا ضياءُ الدين چشتي هن وقت عدالتي ڪمري ۾ موجود آهي، ان جو ديدار ته ڪرايو.
هن ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ سڀني ڪيسن کي گڏائي ٿا ڇڏيون، ان سان نيڪ نيتي ۽ بدنيتي کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي، سپريم ڪورٽ ۾ به ڪيس هلڻ کان روڪڻ لاءِ ڪوشش ڪئي وئي، رستي ۾ ئي فائل چوري ٿي ويا.
وڪيل شهزاد شوڪت چيو ته چوري نه پر ڦر ٿي، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته ڪمپني جي شيئرز جا مڪمل تفصيل لکت ۾ جمع ڪرايو.
سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي ٽن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.