ڪراچي: مين سروس روڊ برسات کان پوءِ تباه، رهواسي سخت پريشاني ۾ مبتلا

Spread the love

ملير (ڊر ) مين سروس روڊ برسات کان پوءِ تباه، شهري مشڪلاتن جو شڪار ڪراچي ۾  تازين طوفاني برساتن کان پوءِ مدينه مارڪيٽ ۽ شمسي سوسائٽي جو مين سروس روڊ مڪمل طور تي تباه ٿي ويو آهي، جنهن سبب علائقي واسي آمد و رفت ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن تفصيل موجب، برسات جي پاڻي جو مناسب بندوبست نه ٿيڻ ۽ روڊ جي ٽٽڻ سبب پورو سروس روڊ بند پيل آهي.

مختلف هنڌن تي ڪچري جا ڍير لڳي ويا آهن، جنهن ڪري علائقي جا رهواسي سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي پيا آهن   رهواسين جو چوڻ آهي ته هي سروس روڊ هڪ طرف سندن لاءِ وڏي سهولت آهي، ته ٻي طرف ٽريفڪ جام جي حالت ۾ مسافرن لاءِ متبادل رستو پڻ آهي. پر موجوده صورتحال ۾ ڪلاڪن تائين ٽريفڪ جام رهي ٿو، جنهن ڪري شهري پنهنجي منزل تي پهچڻ ۾ ڏکيائين جو شڪار ٿين ٿا  علائقي واسين اعليٰ عملدارن ۽ علائقي نمائندن کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور نوٽيس وٺي سروس روڊ جي بحالي جا قدم کنيا وڃن،

جيئن ماڻهو مين روڊن تي ٽريفڪ جام جي صورت ۾ هن رستي کي استعمال ڪري آساني سان پنهنجي منزل ڏانهن وڃي سگهن

آگسٽ 26, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو