نوان صوبا ٺاهڻ وارو شوشو، ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي ٿيندڙ سازش
نوَن صوبن جي ڳالهه پاڪستان جي سياست ۾ ڪا نئين ناهي، پر جڏهن به حڪمران طبقا عوام جي بنيادي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ چاهيندا آهن ته اهڙي شوشي کي هوا ڏيندا آهن. هن وقت وري اهو موضوع سامهون آندو ويو آهي ۽ ان تي بحث مباحثو هلي رهيو آهي ته ملڪ ۾ نوان صوبا ٺهڻ گهرجن يا نه. بظاهر اهو هڪ انتظامي ۽ آئيني بحث آهي، پر حقيقت ۾ ان جي پٺيان جيڪا سازش لڪل آهن، سي تمام گهڻي خطرناڪ آهي. خاص طور تي جڏهن سنڌ جي وحدت ۽ جاگرافي سان هٿ چراند ڪرڻ جو جيڪي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. هڪ تاريخي وطن جي تشخص ۽ قومي وجود سان هٿ چراند ڪرڻ جا اثر رڳو سنڌ تائين محدود نه هوندا، پر سڄي ملڪ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيندا.
ان سلسلي ۾ سنڌ جي ناميارن وڪيلن ۽ قانوندانن جو چوڻ آهي ته نون صوبن جو موضوع حڪمرانن جو هڪ پراڻو حربو آهي، جنهن جو مقصد هر ڀيري عوام کي اصلي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ هوندو آهي. سچل اعواڻ، غلام رسول سوهو، سجاد احمد چانڊيو ۽ ٻين قانوندانن جو چوڻ هو ته پاڪستان کي تجربي گاهه بڻايو ويو آهي. ايوب خان کان وٺي ضياءَ الحق تائين ۽ وري مشرف کان موجوده حڪمرانن تائين هر دور ۾ نون نظامن ۽ نون تجربن جا نعرا هن ملڪ ۾ لڳايا ويا. انهن تجربن جو نتيجو اهو نڪتو جو ملڪ هڪ ڀيرو ٽڪرا ٿي ويو ۽ بنگلاديش وجود ۾ آيو. پر ان سان به عبرت حاصل نه ڪئي وئي، اڄ به ساڳيا تجربا جاري آهن.
سنڌي وڪيلن جو چوڻ آهي ته ملڪ کي اقتصادي طور مضبوط ڪرڻ، ادارن کي ٺيڪ ڪرڻ ۽ ڪرپشن کي ختم ڪرڻ بدران حڪمران نون صوبن جو راڳ ڳائي رهيا آهن. اڄ جڏهن ملڪ جي معيشت تباهه ٿيل آهي، مهانگائي عوام کي پاڻ مارڻ تي مجبور ڪري رهي آهي، تڏهن حڪمران طبقا بجاءِ انهن مسئلن کي حل ڪرڻ جي، نوان صوبا ٺاهڻ جون صلاحون ڪري رهيا آهن. حقيقت اها آهي ته ملڪ جي سڄي بيوروڪريسي، ججن، وزيرن، مشيرن ۽ اعليٰ عهديدارن جون پگهارون ۽ مراعتون ڇهن سؤ سيڪڙو تائين وڌايون ويون آهن، جڏهن ته غريب ماڻهو پنهنجي ٻچڙن کي هڪ ويلو پيٽ ڀري ماني کارائڻ لاءِ خوار ٿي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ صوبن جي نالي ۾ عوام کي خواب ڏيکارڻ سندن سياسي عياشيءَ کان وڌيڪ ڪجهه به نه آهي. پر جڏهن به نون صوبن جي ڳالهه ٿيندي آهي ته سڀ کان پهرين سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جون ڳالهيون سامهون اينديون آهن. اها ڳالهه سڀني لاءِ واضع هجڻ گهرجي ته سنڌ هڪ تاريخي وطن آهي. سنڌ جي قومي تشخص ۽ وحدت هزارين سالن جي تاريخ جو نتيجو آهي. سنڌ رڳو 1947ع کان صوبي جي حيثيت نٿي رکي، پر ان کان اڳ به سنڌ پنهنجي سڃاڻپ ۽ جاگرافي سان هڪ وطن رهي آهي.
سنڌي سياستدانن ۽ قيادت 1940ع جي لاهور قرارداد جي بنياد تي پاڪستان جي حمايت ڪئي هئي، جنهن ۾ واضح طور تي رياستن جو ذڪر هو. پر ان کانپوءِ پاڪستان اندر قومن جي سڃاڻپ کي لتاڙيو ويو، انهن جي تاريخي حقن کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ هڪ مصنوعي قومي تصور مڙهيو ويو.هاڻي جڏهن وري نون صوبن جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي ته سنڌي قوم جي اندر هڪ بيچيني وڌي رهي آهي. سجاد احمد چانڊيو جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سنڌ جي وحدت خلاف ڪنهن سازش تي عمل ڪيو ويو ته ان جا نتيجا انتهائي ڀيانڪ نڪرندا. سنڌي قوم پنهنجي وحدت تي ڪنهن به قسم جو وار برداشت نه ڪندي. ان کان اڳ به سنڌ جي ماڻهن، سنڌ دشمن منصوبن خلاف پرامن پر مضبوط مزاحمت ڪئي آهي. جيڪڏهن هاڻي به اهڙي سازش ڪئي وئي ته سنڌ جا ماڻهو وري پنهنجي وطن جي حفاظت لاءِ مزاحمت ڪندا.
ايڊووڪيٽ غلام رسول سوهو جو چوڻ آهي ته نوان صوبا ٺاهڻ جو مطالبو ئي غير آئيني ۽ غير قانوني آهي. ڪنهن به ملڪ ۾ قومي وحدتن کي ٽوڙي نوان صوبا ٺاهڻ قومي يڪجهتيءَ بدران قومي تڪرار پيدا ڪندو. پاڪستان اڳ ئي ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان مهل اهڙي فيصلي جا نتيجا وڌيڪ تباهه ڪن ثابت ٿيندا. جيڪڏهن ملڪ جا معاشي مسئلا حل ڪرڻا آهن ته سڀ کان پهريان ڪرپشن ختم ڪرڻي پوندي، نااهل حڪمرانن کي گهر موڪلڻو پوندو ۽ ادارن کي عوام جي خدمت لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. پر هن ملڪ ۾ هميشه ئي اهڙيون ڳالهين کان منهن موڙيو ويو آهي ۽ ماڻهن کي ڌوکو ڏيڻ لاءِ نت نوان نعرا ڏنا ويا آهن. ايڊووڪيٽ سچل اعواڻ جو چوڻ هو ته سنڌ جي ورهاست ممڪن ئي ناهي. سنڌ ، سنڌي قوم جو تاريخي وطن آهي، جيڪو هزارين سالن جي تاريخ ۽ ثقافت تي ٻڌل آهي. 1973ع جو آئين به ان لحاظ سان تڪراري رهيو آهي، ڇو ته ان قومن جي الڳ سڃاڻپ کي تسليم نه ڪيو. پر جيتوڻيڪ قانوني سطح تي ڪيتريون ئي ڪوتاهيون ٿيون، پر سنڌ جي وحدت کي ٽوڙڻ جو خواب ڪڏهن به پورو نٿو ٿي سگهي. جيڪي به ماڻهو اهڙا خواب ڏسندا، اهي ناڪام ويندا.
حقيقت اها آهي ته ملڪ ۾ نون صوبن جو بحث حڪمرانن جي نااهليءَ کي لڪائڻ جي هڪ ڪوشش آهي. جڏهن حڪومت ملڪ جي معيشت کي سنڀالي نٿي سگهي، جڏهن ماڻهن کي روزگار ۽ رليف نٿو ملي سگهي، جڏهن ملڪ ۾ ڪرپشن ۽ بدانتظامي وڌي وڃي ٿي، تڏهن حڪومت کي هڪ نئين بحث جي ضرورت پوي ٿي ته جيئن ماڻهن جو ڌيان اصلي مسئلن تان هٽي وڃي. پر اهو حڪمت عمليءَ وارو رستو ڪڏهن به ڊگهي عرصي تائين ڪم نٿو ڪري سگهي. ڇو ته ماڻهن کي آخرڪار پنهنجا بنيادي مسئلا ياد ايندا آهن ۽ هو انهن بابت سوال ڪندا آهن.
سنڌ هڪ تاريخي وطن آهي ۽ سنڌي قوم پنهنجي وطن جي وحدت تي ڪنهن به قسم جو وار برداشت نه ڪندي. جيڪي ماڻهو سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جا خواب ڏسندا، سي ناڪام ويندا. حڪمرانن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته سنڌ جي وحدت پاڪستان جي بقا لاءِ ضروري آهي. جيڪڏهن سنڌ جي وحدت سان هٿ چراند ڪئي وئي ته پوءِ ان جا نتيجا ملڪ لاءِ ڀيانڪ ثابت ٿيندا.
آگسٽ 26, 2025